مھاڻن لاءِ مڇي جو شڪار چيلنج بڻيل، بک ۽ بدحالي جو شڪار

ٺٽو: سامونڊي دنيا جي تبديلين جي ڪري مھاڻن لاءِ مڇي جو شڪار چيلنج بڻيل آھي، سمنڊ جو تيزي سان اڳتي وڌڻ خطرناڪ ٿيندو پيو وڃي، مھاڻا بک ۽ بدحالي جو شڪار بڻجي ويا آھن.

  1. لڌيا شاخ، ڄام واهه ۽ ڄام برانچ ۾ پاڻي نه ڇڏڻ ڪري لکين ايڪڙ زمين بنجر

ڀنڀور: ساحلي پٽي جون زمينون آباد ڪرڻ لاءِ پاڻي پهچائيندڙ لڌيا شاخ، ڄام واهه ۽ ڄام برانچ ۾ پاڻي نه ڇڏڻ ڪري لکين ايڪڙ  زمين بنجر بڻجي وئي آهي، انهن شاخن ۾ سنڌو درياهه جي ڊائون اسٽريم مان پاڻي ڇوڙ ڪيو ويندو آهي، شاخن جي منڍ جا آبادگار غير قانوني واهه، ڪٽ ۽ دڪا لڳائي شاخن جو پاڻي کڻي وڃن ٿا، جنهن جي نتيجي ۾ ساحلي پٽيءَ تائين پاڻي نٿو پهچي، جنهن ڪري سندن لکين ايڪڙ زمين بنجر بڻجي وئي آهي. شاخن ۾ پاڻي نه اچڻ ڪري ڪوسٽل ايريا جا ماڻھو سخت پريشان آھن، ساحلي پٽي جي ماڻهن جو گذر سفر زراعت ۽ مڇي جي شڪار تي آهي، شاخن ۾ پاڻي نه اچڻ ڪري زراعت نٿي ٿئي ۽ سمنڊ جي چاڙهه سبب ماڻهو مڇي جو شڪار به نٿا ڪري سگهن، تنهن ڪري بک ۽ بدحالي ماڻهن جو مقدر بڻجي وئي آهي، ڪو به معاشي وسيلو نه هجڻ ڪري ماڻهو مايوس ٿي خودڪشيون ڪري رهيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.