ڀنڀور: 41 يونين ڪائونسلن تي مشتمل ميرپورساڪرو تعلقي ۾ ڪل 2700 ڳوٺ آهن، جن مان اڪثر ڳوٺن جا رهواسي پيئڻ جي پاڻي جي شديد کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهن. پاڻي جي کوٽ سبب پيدا ٿيندڙ غربت، بک ۽ بيروزگاري ساحلي پٽي جي ماڻهن جو نسل تباهه ڪري رهي آهي، معاشي حالتون بهتر نه هجڻ ڪري ماڻهو پنهنجن ٻارڙن کي تعليم نٿا ڏياري سگهن، جنهن ڪري سندن نئون نسل تعليم کان محروم بڻجي اونداهي طرف وڌي رهي آهي، ساحلي پٽي جي ماڻهن جو مستقبل اونداهون ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ سندن پاڻي جي کوٽ وارو مسئلو حل ڪرائڻ جي سخت ضرورت آهي.