عورتن جي عالمي ڏينهن جي تقاضا

اڄ 8 مارچ آهي جنهن کي گڏيل قومن جو ادارو عورتن جو عالمي ڏينهن ڪري ملهائيندو آهي. اسان گڏيل قومن جي اداري جي عالمي ڏينهن ملهائڻ واري ان  سلسلي کي هڪ بهترين ۽ بيحد اهم روايت سمجهندا  رهيا آهيون ۽ ان کي واکاڻيندا  به رهيا آهيون. گڏيل قومن جو ادارو جيتوڻيڪ پاڻ ئي بنيادي حقن واري چارٽر تي عمل ڪرائڻ ۾ وڏي پئماني تي ناڪام رهيو آهي ۽ انساني حقن جو محافظ ته ٺهيو پر پاڻ ئي انساني حق جي ڀڃڪڙي ڪندڙ ملڪن جو ذيلي ادارو بڻجي ويو آهي پر سندس  هن روايت کي اسان هڪ عظيم روايت ضرور سمجهون ٿا.

اصل ۾ هڪ سٺي انسان ۽ اداري جي سڀ کان وڏي ڪسوٽي به اها ئي هوندي  آهي ته اهو ٻين جي  بنيادي حقن جو ڪيترو ٿو احترام ڪري ۽ بنيادي حقن ڏيارڻ لاءِ ڪيترو ٿو پتوڙي. عورتن جي حوالي سان ملهائجندڙ اڄوڪي عالمي ڏينهن جي به اهائي تقاضا آهي ته عورتن جي بنيادي حق جو خيال ڪيو وڃي، اڃان به ائين چئجي ته هي عالمي ڏينهن هر سال عورتن جي حقن جو يادگيرو ڏياريندو آهي.

عورتن جي حوالي سان هن ڌرتي جي مٿاڇري تي ٽن قسمن جا سماج ملن ٿا، هڪڙا ترقي يافته فيمنسٽ قسم جا سماج جن ۾ عورتن کي بحيثيت انسان مردن وارا بنيادي حق ملن ٿا ۽ ٻيا سماج اهڙا آهن جتي پدري سماج حاوي آهي اتي  عورتن کي صنف نازڪ ۽ هر لحاظ کان مردن کان گهٽ حيثيت ڏني ويندي آهي ۽ ٽيان پدري نظام وري اهي جتي تعليم ناهي ۽ جهالت عام آهي اتي ته عورت کي انسان ئي ناهي سمجهيو ويندو اهڙن سماجن ۾ عورتن کي مرد جو غلام سمجهيو ويندو آهي ۽ ساڻن غلامن وارو  ورتاءُ ڪيو ويندو آهي

سو اها حقيقت  آهي ته  عورتن کي باشعور، تعليم يافته، ترقي پسند ۽ روشن خيال سماجن ۾ ئي انسان سمجهيو ويندو آهي ۽ کين بنيادي حق ڏنا ويندا آهن باقي جن جاهل سماجن جو پاڻ ذڪر ڪيو آهي سي سماج ته عورتن جي حوالي سان دوزخ نما آهن جن ۾ ڇوڪرين  جو ڄمڻ ئي اجايو ۽ ڪنهن عذاب کان گهٽ ناهي. سو تعليم، ترقي پسند، روشن خيال سوچ ۾ ئي عورتن جي عزت آهي. ان ڪري پٺتي پيل ۽ ترقي پذير معاشرن ۾ ئي  تعليم تي زور ڏنو ويندو آهي ڇاڪاڻ ته تعليم يافته ۽ خاص ڪري عورتن جي حوالي سان ترقي پسند سوچ کي وڌائڻ جي ضرورت کي محسوس ڪيو ويندو آهي.

 

سو اها حقيقت آهي ته جيئن جئين اسان جو معاشرو تعليم يافته ٿيندو  ويندو تيئن تيئن ان تعليم يافته معاشري ۾ عورتن کي عزت به ملڻ لڳندي ته انهن کي بنيادي حق به ملندا. اسان جي ملڪ اندر عورت جي حوالي سان ٽئي سماج ملن ٿا. اڪثريتي ۽ حاوي سماج قبيلائي ۽ پٺتي پيل سوچ وارو آهي جتي  عورتن جي زندگي کي مڪمل طور تي حرام ڪيو ويو آهي ۽ هتي پدري نظام  حاوي آهي ۽ مرد عورتن سان آقائن وارو ورتاءُ ڪندا آهن، ٻيو تعليم يافته سماج آهي جتي عورتن جي ٿوري گهڻي  عزت ٿيندي آهي ۽ ڪجهه حق به کين نصيب ٿيندا آهن جڏهن ته اسان وٽ اٽي ۾ لوڻ برابر ترقي پسند ماڻهن ۽ حلقي ۾ عورت کي هڪ انسان وارا سڀ حق ملندا آهن. سو اسان جي سماج ۾ آئيڊيل ماحول عورت کي ترقي پسند ۽ روشن خيال حلقي ۾ گهڻو تڻو ملندو آهي. عورتن جي حقن ۽ آزادي جي شروعات اتان ئي ٿئي ٿي. اسان جي مذهب ۾ به عورت کي آبرودار مقام مليل آهي. پر عملي طور تي عورت کي مذهب ۾ مليل حق به پورا نٿا ملن. ڇاڪاڻ ته پدري بالادستي گهڻي آهي جيڪا اڪثر ڪري ظالماڻي  حد تائين قائم آهي. اسان پنهنجي سماج جي انهن تعليم يافته ۽ روشن خيال عورتن  کي سلام پيش ڪيون ٿا جن عورتن جي حقن ۽ آزادي لاءِ پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪيو آهي ۽عورتن لاءِ نئون شعوري سماج اڏيو آهي.

اسان سلام پيش ڪيون ٿا جن عورتن جي حقن ۽ آزادي لاءِ پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪيو آهي. ۽ نئون  شعوري سماج اڏيو آهي. اسان هن سماج اندر انهن عورتن کي اٿي بيهي سلام پيش ڪيون ٿا جن عورتن جي  حقن ۽ خودمختياري لاءِ پاڻ کي رول ماڊل بڻايو ۽ مردن جي بالادستي واري پنهنجي بهترين ۽ مثالي ڪردار سان نئين نسل جي ڇوڪرين لاءِ راهه هموار ڪنديون آيون ۽ انهن سمورين رنڊڪن ۽ ڪنڊن کي پنهنجا هٿ زخمي ڪري ۽ پير رتوڇاڻ ڪندي يعني جدوجهد ڪندي پويان ايندڙ نئين نسل جي ڇوڪرين جي سازگار ماحول لاءِ رستو صاف ڪندي اڳتي  وڌيون آهن.

انهن تعليم يافته باشعور ۽ ترقي پسند عورتن جي جدوجهد جو اهو نتيجو آهي جو اڄ پنهنجي ملڪ اندر  ڇوڪرين جي تعليم جو لاڙو  ڪافي وڌيو آهي خاص ڪري وڏن شهرن ۾  البته پٺتي پيل قبيلائي علائقن ۾ اڄ به ڇوڪريون جهالت جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهن، تعليم ۽ بنيادي حقن کان محروم آهن  پر هاڻي جيئن ته عورتن جي حقن جون تنظيمون به جڙي چڪيون آهن ۽ سندن ڪم جي رفتار   کي ڏسندي اميد ڪجي ٿي ته عورتن لاءِ اهي شعور ۽ ترقي جا روز نوان سج اڀارينديون اينديون جنهن سان هي پٺتي پيل سماج به سندن حق ۾ ويندو. اهو ڏينهن ۽ اها منزل ضرور ايندي ڇاڪاڻ ته اوڏانهن عورتن جا قدم وڌي چڪا آهن جن کي هاڻي ڪير به روڪي نٿو سگهي ڇاڪاڻ ته شعور پنهنجي جوهر ۾ هڪ طاقت آهي ۽ اسان جي عورتن شعور جي اها طاقت ماڻي ورتي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.