پاڻي کوٽ سبب سمنڊ لکين ايڪڙ زمين ڳڙڪائي ويو

جھرڪ: ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي نه ڇڏڻ ڪري ٺٽو ۽ سجاول ضلعن جي 35 لک ايڪڙ  زمين سمنڊ ڳڙڪائي چڪو آھي ماھرن جو چوڻ آھي تہ دنيا جو پنجون نمبر وڏو انڊس ڊيلٽا مڪمل تباھ ٿي چڪو آھي سنڌو درياءَ جي پاڻي جو سمنڊ ۾ ڇوڙ مج ڪرڻ ڪري سمنڊ کي اڳتي وڌڻ کان روڪيندڙ تمر مينگروز جا وڻ ختم ٿي چڪا آھن 2050 ۾ لاڙ خطي جا ٺٽو سجاول ۽ بدين ضلعا دنيا جي نقشي تان مٽجي ويندا سنڌو درياءَ تي ماضي جا خوبصورت ۽ خوشحال شھر ۽ بندرگاھ جھرڪ ڪيٽي بندر ۽ شاھ بندر جتان سنڌو درياءَ رستي پوري دنيا ۾ وڻج واپار ٿيندو ھو سنڌ جي سڌا ملوڪ شاعر شاھ عبدالطيف ڀٽائي پڻ ھتي اچي سرسامونڊي ۾ ھتان جي زراعت ماھيگيرن واپارين  ۽ دنيا جي مختلف ملڪن ڏانھن واپار لاءِ ويندڙ وڻجھارن جي گھر وارين جي انتظار ڪرڻ ۽ وڇوڙي تي لازوال شاعري ڪري ھن خطي جي خوشالي بيان ڪئي آھي ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي نہ ڇڏڻ ڪري اھو خوشحال خطو اڄ ويران ٿي چڪو آھي ٺٽي ضلعي جي تاريخي بندرگاھ  ڪيٽي بندر جي خوشحالي جو اندازو انھي ڳالهه مان لڳائي سگھجي ٿو ته 1947 ۾ ھي شھر ميونسپل ڪميٽي جو درجو رکندو ھو ۽ انوقت ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن کي ھڪ لک روپيا امداد طور ڏنا ھئا جھرڪ کان وٺي ڪيٽي بندر تائين چانور (سارين) جو فصل ٿيندو ھو جنھن جي ڪٽائي لاءِ ٻيڙين تي سڄي سنڌ مان ماڻھو ايندا ھئا ھتان جو خوشبودار چانور سڄي دنيا ۾ مشھور ھوندو ھو ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي نہ ڇڏڻ ڪري اڄ اھو سڄو خطو ويران ٿي چڪو آھي زراعت کي ڪاپاري نقصان پھتو آھي ماضي جا زرخيز علائقا بنجر بنجي ويا آھن ماھيگير جو روزگار ختم ٿي چڪو آھي سامونڊي ڪريڪس ۾ رھندڙ ماڻھن کي پيئڻ لاءِ مٺو پاڻي نٿو ملي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.