تربيلا اڄ ۽ منگلا ڊيم ٻن ڏينهن ۾ خالي ٿي ويندا،آڳاٽو خريف متاثر

ڪراچي(رپورٽ:خداڏنوشاھ)ملڪ ۾ پاڻي جي شديد بدترين پيدا ٿي وئي آهي تربيلا ڊيم اڄ ۽ منگلا ٻن ڏينهن ۾ خالي ٿي ويندا جڏهن ته چناب درياهه ۾ آيل پاڻي کي پنجاب ۽ ارسا حساب ۾ ئي ناهي آندو،روزاني عوامي آواز کي مليل دستاويزن توڙي سرڪاري ذريعن کان مليل انگن اکرن موجب ملڪ ۾ پاڻي جي بدترين کوٽ پيدا ٿي وئي آهي 1991ع واري پاڻي معاهدي موجب هلندڙ ٽين ڊيليز ۾ صوبن جي ضرورت 1 لک 4 هزار ڪيوسڪ آهي پر دريائي وهڪرا فقط 60 هزار ڪيوسڪ تائين وڃي پهتا آهن جيڪي وهڪرا رڪارڊ گهٽتائي تي پهتا آهن جنهن سبب صوبن ۾ پاڻي جو سنگين بحران پيدا ٿيندو،ارسا صوبن جي 1 لک 4 هزار ڪيوسڪ شيئر جي جاءِ تي انهن کي فقط 73 هزار ڪيوسڪ پاڻي فراهم ڪيو آهي ان ۾ به پنجاب پاڻي کوٽ ۾ ڀائيواري کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي پنجاب جي حصي مان فقط 4 ۽ سنڌ جي حصي مان 38 سيڪڙو ڪٽوتي ڪئي پئي وڃي کوٽ ۾ ڀائيواري کڻڻ جي حوالي سان طئي ٿيو هو ته صوبا گڏيل طور تي 16 , 16 سيڪڙو کوٽ ۾ ڀائيواري ڪندا پر ارسا ۾ سنڌ جي نمائندي ان ڳالھ تي راضپو ظاهر ڪيو آهي ته هن وقت ڀلي سنڌ جي حصي مان پاڻي ڪٽي وٺو کوٽ وڌيڪ سنڌ مٿان لاڳو ڪريو اپريل ۾ وري سنڌ کي اهو حساب ڏنو وڃي جڏهن ته دريائي وهڪرا گهٽ هجڻ سبب اپريل ۾ پاڻي کوٽ 60 سيڪڙو تائين پهچڻ جا امڪان آهن ته ان صورتحال ۾ سنڌ کي حصي مطابق پاڻي ملڻ جا ڪي به امڪان نه آهن جنهن ڪري ارسا ۾ سنڌ جي نمائندي جو تازو فيصلو ۽ وڌيڪ پاڻي کوٽ سنڌ مٿان ٿاڦڻ سان سنڌ وڌيڪ پاڻي کوٽ جو شڪار ٿيندي سنڌ جو آڳاٽو خريف متاثر ٿيڻ سان گڏ ڏکڻ سنڌ ۾ پيئڻ جي پاڻي جو وڏو بحران پيدا ٿيڻ جا چٽا امڪان آهن هوڏانهن ڪجھ ڏينهن اڳ ڀارت پاران چناب درياهه ۾ 70 هزار ۽ ٻي ڏينهن تي 46 هزار ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيو ويو هو جيڪو پاڻي پنجاب بنا حساب ڪتاب جي قادر آباد بالوڪي لنڪ ۽ مرلا لنڪ ذريعي راوي درياء ۾ کڻي ورتو پر ان جو ملڪي پاڻي ذخيرن ۾ شمار ئي نه ڪيو جنهن عمل تي پڻ ارسا ۾ سنڌ جي نمائندي احسان لغاري سنڌ جي آبپاشي واري سيڪريٽري ظريف کيڙي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ توڙي سنڌ جي ريگيوليشن ونگ خاموشي اختيار ڪري ورتي جنهن عمل سان سنڌ کي وڏو نقصان پهتو آهي هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي سنڌ آباد گار بورڊ جي ترجمان اسلم نواز مري روزاني عوامي آوز کي ٻُڌايو ته سنڌ ۾ ڏڪار واري صورتحال پيدا ٿيندي ٻي طرف سنڌ جي نمائندي جو هن وقت وڌيڪ کوٽ کڻڻ تي رضپو ظاهر ڪرڻ وارو فيصلو غلط آهي ڇاڪاڻ  ته اپريل ۾ پاڻي ئي نه هوندو ته اسان کي اضافي پاڻي ڪٿان ملندو هوڏانهن ارسا ۾ سنڌ جي نمائندي احسان لغاري سان جڏهن روزاني عوامي آواز پاران رابطو ڪيو ويو ته هن چيو آئون هن وقت مصروف آهيان مون سان سڀاڻي ڳالهائجو،ٻي طرف پاڻي جي موجوده وهڪرن جي حساب سان مارچ جي ٻي ڏهي کان سنڌ ۾ 50 سيڪڙو ۽ اپريل جي پهرين ڏهي کان 60 سيڪڙو کوٽ پيدا ٿيڻ جا امڪان آهن,هوڏانهن روزاني عوامي آوزا جي نشاندهي کانپوءِ پنجاب تونسا پنجند لنڪ ڪئنال بند ڪري ڇڏيو آهي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.