جھرڪ/گهوڙاٻاري (رپورٽ: امير شاهه ڀاڏائي/غلام مرتضيٰ سومرو) ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي جي کوٽ خطرناڪ حد تائين پھچي وئي آھي ڪوٽڙي کان جھرڪ تائين ۽ جھرڪ کان ڪيٽي بندر۽ کاروڇاڻ جي پوڇڙ وارن علائقن تائين وارا بندي سبب پاڻي نه پھچڻ ڪري پاڻي جو بحران شدت اختيار ڪري ويو آھي آبادگار مالوند ماروئڙا پکي پکڻ آبي جيوت پاڻي لاءِ پريشان آھي واھن شاخن ۽ نالين ۾ واري اڏامي رھي آھي جھرڪ ڀرسان ڪينجھر ڍنڍ ۽ K4 پراجيڪٽ ذريعي ڪراچي کي پاڻي سپلائي ڪرڻ لاءِ وفاقي ۽ سنڌ حڪومت جو ورلڊ بينڪ جي سھڪار سان آبپاشي کاتي جو اربين روپين جي لاڳت سان ھندڙ ڪلري بگھاڙ اپر فيڊر ۽ ڪلري بگھاڙ لوئر فيڊر جي لائينگ وارو ڪم ٺيڪدارن پاران سست رفتاري سان ڪرڻ ڪري ڪلري بگھاڙ فيڊر مان نڪرندڙن واھن اڏيرو بيراج ساڪرو بيراج ڄام واھ ايم آر بي لنڪ ڪينال اڏيرو لال بيراج ٺٽو نالي سونڊا نالي ھالا مائينر سدا بھار شاخ گار ماڇي شاخ سميت سمورين نھرن ۽ شاخن ۾ پاڻي نه پھچڻ ڪري زرعي زمينون بنجر بڻجي ويون آھن چوپائي مال انسانن پکي پکڻ جي پيئڻ لاءِ به پاڻي جو ملڻ مشڪل ٿي ويو آھي ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي کوٽ جي خطرناڪ حد تائين وڌي وڃڻ ڪري سنڌ جي لاڙ ۽ سامونڊي پٽي وارن ضلعن ٺٽو سجاول بدين ۽ ٽنڊو محمد خان ۾ وڏو انساني الميو پيدا ٿيڻ جو خدشو پيدا ٿي ويو آھي.