اي سيز لاءِ گاڏين جي خريداري عيش عشرت نه پر ڪارڪردگي لاءِ آهي: سرڪار

ڪراچي(رپورٽر) اسسٽنٽ ڪمشنرن لاءِ 138 ڊبل ڪيبن گاڏين جي خريداري خلاف داخل درخواست تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي، ان دوران سيڪريٽري جنرل ايڊمنسٽريشن پاران جواب جمع ڪرايو ويو، جنهن ۾ چيو ويو ته اسسٽنٽ ڪمشنرن لاءِ گاڏيون خريد ڪرڻ غير ضروري نه آهي، نه ئي گاڏين لاءِ فنڊن جو ڪو غلط استعمال ڪيو وڃي ٿو، اسسٽنٽ ڪمشنرن مٿان تمام اهم ذميواريون هونديون آهن، انڪري انهن لاءِ گاڏين جي خريداري ضروري آهي ته جيئن هو پنهنجون ذميواريون موثر طريقي سان نڀائي  سگهن، گاڏيون خريد ڪرڻ جو سبب عيش عشرت نه پر ڪارڪردگي آهي، آپريشنل گاڏين جي غير موجودگي سان آفيسرن جي ڪارڪردگي متاثر ٿيندي، اسسٽنٽ ڪمشنرن کي پنهنجون ذاتي گاڏيون استعمال ڪرڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي، سيڪريٽري سروس اينڊ جنرل ايڊمنسٽريٽر جي درخواست رد ڪرڻ جي استدعا ڪئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.