ڪراچي(رپورٽر) ڪراچي جي علائقي منگھي پير مان جوابدار نائين ڪلاس جي شاگرد کي اغوا ڪري ويا. رپورٽ موجب ڪراچي جي علائقي منگھي پير مان نائين ڪلاس جي شاگرد 17 سالن جي عابد الله کي گذريل رات اغوا ڪيو ويو هو. اغوا ڪندڙن عابدالله جي گهرڀاتين کان 6 ڪروڙ رپيا ڀنگ طلب ڪيو آهي. پوليس اغوا جو ڪيس عابدالله جي ڀاءُ جي فرياد تي داخل ڪري ورتو.