لاڙڪاڻو (رپورٽ: عبدالوحيد ابڙو) لاڙڪاڻي ۾ هندو واپارين جي قتل ۾ ملوث ڌاڙيل پوليس مقابلي ۾ مارجي ويا.
ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد فيصل چوڌري موجب نئون ديرو ٿاڻي جي حد باءِ پاس تي گشت دوران ڌاڙيلن پوليس تي فائرنگ ڪئي ۽ جوابي فائرنگ ۾ جلباڻي ۽ لغاري گينگ جا ٻه ڌاڙيل مارجي ويا.
مقابلي ۾ مارجي ويل ڌاڙيل نئين ديري ۽ لاڙڪاڻي ۾ ٻن هندو واپارين سنتوش ڪمار ۽ سنجي ڪمار جي قتل ۾ ملوث هئا، جڏهن ته انهن ڌاڙيلن جي حملي ۾ رونق ڪمار زخمي ٿيو هو.
پوليس موجب ٻنهي ڌاڙيلن پيٽرول پمپ تان 17 لک رپيا ۽ ڪوريئر ڪمپني کان به 10 لک رپين کان وڌيڪ رقم ڦر ڪئي هئي.
You might also like