نوجوانن کي گهربل هنر موجب تربيتي پروگرام فراهم ڪرڻ جي منصوبي جي منظوري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف مارڪيٽ ۽ صنعتن ۾ گهربل هنر ۽ کپت موجب تربيتي پروگرام فراهم ڪرڻ جي منصوبي جي منظوري ڏئي ڇڏي.
وزيراعظم آفيس طرفان جاري ڪيل بيان موجب ايندڙ 4 سالن ۾ ساليانو 2 لک کان 60 لک تائين نوجوانن کي پيشيوراڻي تربيت ۽ هنر جي فراهمي سان روزگار جا موقعا حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڏني ويندي.
بيان موجب نوجوانن کي هنر ۽ پيشيوراڻي تربيت جي فراهمي لاءِ مارڪيٽ، صنعتن ۽ عالمي سطح تي افرادي قوت جي کپت کي نظر ۾ رکيو پيو وڃي.
اجلاس ۾ وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ڊجيٽل يوٿ حب حتمي مرحلي ۾ آهي، جيڪو هلندڙ مهيني جاري ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.