واٽس ايپ ۾ گروپ چيٽس واهپيدارن لاءِ اهم فيچر پيش، استعمال به سولو

واٽس ايپ ۾ ميٽا اي آءِ متعارف ڪرائڻ کان پوءِ ميٽا آرٽيفيشل انٽيليجنس فيچرز تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ لڳو آهي.
هاڻي واٽس ايپ ۾ هڪ نئون اي آءِ فيچر شامل ڪيو ويو آهي، جنهن جي مدد سان واهپيدار گروپ چيٽس لاءِ پروفائل تصويرون تيار ڪري سگھندا.
ويب بيٽا انفو جي رپورٽ موجب، هي نئون فيچر واٽس ايپ جي بيٽا ورزن ۾ متعارف ڪرايو ويو آهي.
پهريون اندازو لڳايو پئي ويو ته هي فيچر ذاتي پروفائل تصويرن لاءِ هوندو، پر هاڻي واضح ٿي چڪو آهي ته اِهو گروپ چيٽس لاءِ متعارف ڪرايو ويو آهي.
رپورٽ موجب، واهپيدار ميٽا اي آءِ کي استعمال ڪندي پنهنجي هدايتن موجب منفرد گروپ پروفائل تصويرون ٺهرائي سگھندا.
اهو فيچر خاص طور تي اهڙن واهپيدارن لاءِ ڪارائتو ثابت ٿيندو جيڪي گروپ لاءِ مناسب تصوير چونڊڻ ڏکيائي پيش ايندي آهي.
هاڻ اِهو ڪم اي آءِ ٽيڪنالاجي پاڻ هدايتن پٽاندڙ مڪمل ڪندي، خاص طور تي جيڪڏهن گروپ ڪا خاص ٿيم سامهون رکي ٺاهيو ويو آهي.
في الحال هي فيچر محدود واهپيدارن لاءِ موجود آهي، جلد ئي سڀني لاءِ متعارف ڪرائڻ جو امڪان آهي.
رپورٽ ۾ اهو به ڄاڻايو ويو ته واٽس ايپ ميٽا اي آءِ جي انٽر فيس کي وڌيڪ يوزر فرينڊلي بڻائڻ لاءِ به ڪم ڪري رهيو آهي، جنهن ذريعي مختلف ٽولز تائين فوري رسائي ممڪن بڻائي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.