چاهيان ٿو ڀارتي ٽيم ميدان ۾ بيرحماڻي ڪرڪيٽ کيڏي: گوتم گمڀير

دبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ گوتم گمڀير کي خوش ڪرڻ ايڏو سولو ناهي جنهن جو ثبوت چيمپيئنز ٽرافي آهي جتي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪرڻ باوجود هو پنهنجي ٽيم مان مطمئن نه آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، اڱاري ڏينهن سيمي فائنل ۾ جڏهن ڀارت آسٽريليا کي چئن وڪيٽن تان شڪست ڏني ته ميچ کانپوءِ گمڀير پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ” ڏسو، عالمي ڪرڪيٽ ۾ اوهان راند ۾ مسلسل بهتري چاهيندا آهيو، ائين نه ٿو چئي سگهجي ته اوهان راند ۾ پرفيڪٽ ٿي ويا.“
هيڊ ڪوچ جو چوڻ هو ته ” اسان اڃا تائين بهترين ڪرڪيٽ ناهي کيڏي ۽ مان ٽيم جي ڪارڪردگي مان ڪڏهن به مطمئن نه ٿيندس.“
گوتم گمڀير وڌيڪ چيو ته ” اسان وٽ هڪ راند جو ٻيو مرحلو باقي آهي، اميد آهي ته اسان بهترين ڪرڪيٽ کيڏنداسين.“
هن چيو ته ” اسان چاهيون ٿا ته راند ۾ مسلسل بهتري اچي، اسان ميدان ۾ مخالف ٽيم خلاف بيرحماڻي ڪرڪيٽ کڏيڻ چاهيون ٿا پر اِهو به چاهيون ٿا ته ميدان کان ٻاهر رانديگر عاجزاڻي نموني پيش اچن. “
واضح رهي ته چيمپيئنز ٽرافي 2025 جو فائنل 9 مارچ تي دبئي ۾ نيوزيلينڊ ۽ ڀارت وچ ۾ کيڏيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.