بي جي پي اسيمبلي ميمبر گلوڪارا سان شادي ڪري ڇڏي

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ حڪمران جماعت ڀارتي جنتا پارٽي (بي جي پي) جي اسيمبلي ميمبر تيجسوي سريا مقامي گلوڪارا شيواسري سڪندپرساد سان شادي ڪري ڇڏي.
ڀارتي ميڊيا موجب شادي جي تقريب بينگلورو شهر ۾ ٿي، جنهن ۾ پارٽي اڳواڻن به شرڪت ڪئي.
رپورٽن موجب ڪنوار مقامي ٻولي ڪرناٽڪ جي گلوڪارا آهي، جيڪا سوشل ميڊيا تي به گهڻي مشهور آهي، ان جا انسٽاگرام تي هڪ لک 31 هزار کان وڌيڪ ۽ يوٽيوب تي ٻه لک فالوئرز آهن.
ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته گذريل سال جنوري ۾ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي به گلوڪارا جي تعريف ڪئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.