ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي مشهور گلوڪار ميڪا سنگهه انڪشاف ڪيو آهي ته هن هڪ ڀيرو شاهه رخ خان کي پنهنجي گاڏي قيمتي ڏئي ڇڏي، جيڪا کيس ايڏي وڻي وئي جو ٽن مهينن کانپوءِ واپس ڪئي.
ويجهڙ ۾ ميڪا سنگهه هڪ انٽرويو دوران شاهه رخ جي واکاڻ ڪئي ۽ ٻڌايو ته هڪ ڀيري فلم ” هيپي نيو ائير “ جي شوٽنگ دوران شاهه رخ سان مليو، جتي هو پاڻ به موسيقار هميش ريشميا سان هڪ وڊيو جي عڪسبندي ڪري رهيو هو.
ميڪا ٻڌايو ته شاهه رخ کيس شوٽنگ کانپوءِ ملڻ لاءِ چيو جنهن تي هن کيس هميش ريشميا جي سيٽ تي اچڻ جي دعوت ڏني، شاهه رخ اچي هڪ ڪلاڪ تائين سيٽ تي ويٺو رهيو، پر پوءِ اتي مداحن جو وڏو هجوم گڏ ٿي ويو.
گلوڪار موجب، جڏهن شاهه رخ واپس وڃڻ لڳو ته سندس گاڏي ڪجهه پر ڀري هئي ۽ هجوم سبب وڃڻ مشڪل ٿي پيو، جنهن تي مون کيس پنهنجي گاڏي ڪاهي وڃڻ جو چيو.
شاهه رخ وائڙو ٿي پڇيو ”ڇا واقعي ڪاهي وڃان“ ته مون وراڻيو،” ها بلڪل “۽ هو منهنجي گاڏي ڪاهي روانو ٿي ويو.
ميڪا وڌيڪ ٻڌايو ته شاهه رخ کي گاڏي ايڏي وڻي وئي جو هن اِها موٽائڻ ۾ ٽي مهينا لڳائي ڇڏيا.
You might also like