آمريڪي رياست فلوريڊا جي شهر اورلينڊو سان واسطو رکندڙ هڪ شخص گرفتاري کان بچڻ لاءِ 21 ڪروڙ 25 لک رپين کان وڌيڪ ماليت جا هيرا ڳِهي ويو.
پرڏيهي ميڊيا موجب جيٿن لارنس گلائيڊر نالي 32 ورهين جي شخص 26 فيبروري تي اورلينڊو جي هڪ شاپنگ مال مان 7 لک 69 هزار ڊالر (21 ڪروڙ 25 لک پاڪستاني رپين) کان وڌيڪ ماليت جا هيرا چوري ڪيا.
جوابدار چوري کانپوءِ فرار ٿي ويو، جنهن جي گرفتاري لاءِ پوليس سندس پيڇو ڪيو ۽ هڪ روڊ تي کيس روڪي ورتو پر پوليس کي جوابدار وٽان ڪجهه نه مليو.
جوابدار پڇا ڳاڇا دوران چيو ته ڇا مون کي پيٽ ۾ ڪجهه هجڻ سبب گرفتار ڪيو ويندو؟ جنهن کانپوءِ پوليس طرفان جيٿن جو ايڪسري ڪيو ويو، جنهن ۾ خبر پئي ته ان جي هاضمي جي نالي ۾ ڪا شئي موجود آهي.
پوليس طرفان شڪ ظاهر ڪيو پيو وڃي ته اهي چورايل قيمتي هيرا آهن، جنهن کانپوءِ هو انهن هيرن کي جيٿن جي جسم مان قدرتي طور ٻاهر آڻڻ جو انتظام ڪري رهيا آهن، جيٿن هن وقت پوليس جي حراست ۾ آهي.
You might also like