ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا پرينيتي چوپڙا انڪشاف ڪيو آهي ته سندس زندگي ۾ هڪ وقت اهڙو به آيو هو جڏهن ته سندس ڪٽنب کي سخت مالي ڏکيائين جو منهن ڏسڻو پيو.
شوبز جي جڳمڳائيندڙ دنيا ۽ لائيف اسٽائيل ڪيئي ماڻهن جي حقيقت کي ڍڪي ڇڏيندو آهي، اهڙي ئي ڪجهه پرينيتي چوپڙا جي زندگي جي ڪهاڻي آهي.
اداڪارا هڪ انٽرويو دوران ٻڌايو ته سندس پيءُ وٽ ڪڏهن ڪڏهن سالگرهه لاءِ ڪيڪ وٺڻ جا پئسا به نه هوندا هئا، تنهنڪري هو ڪيڪ جي بدران رس ملائي يا رس گلا وٺي ايندو هو ۽ هوءَ ڪيڪ بدران اِهي کائيندي هئي.
اداڪارا ٻڌايو ته جيتوڻيڪ مالي حالتون خراب هيون، پر تنهن هوندي به سندس نانو ۽ ناني ڪينيا ۾ رهندا هئا، جيڪي پاڻڀرا هئا ۽ هر سال گرميءَ جي موڪلن دوران کيس ۽ سندس ڀائرن کي بزنس ڪلاس ۾ ڪينيا وٺي ويندا هئا.
پرينتي چوپڙا چيو ته امبالا ۾ سندن مالي حالتون ٺيڪ نه هونديون هيون، پر جڏهن ڪينيا ويندا هئا ته اُتي اميرن جهڙي زندگي گذاريندا هئا.
هن چيو ته زندگي جي ٻنهي پاسن کي ڏسڻ کانپوءِ هوءَ ڪنهن به ماحول ۾ رهڻ جي عادي ٿي وئي آهي.