ڪراچي (رپورٽر) سنڌ حڪومت ڪراچي جي هزارين فرسٽ ايئر جي شاگردن جي امتحاني نتيجن جي گهٽ شرح واري معاملي کي سردخاني ۾ وجهي ڇڏيو آهي، فيڪٽ فائنڊنگ ڪميٽي جي رپورٽ تي ڪا به ڪارروائي نه ڪئي وئي آهي، سنڌ حڪومت ڪراچي جي فرسٽ ايئر جي شاگردن جي امتحاني نتيجن جي گهٽ شرح واري معاملي کي سردخاني ۾ وجهي ڇڏيو آهي، شاگردن پاران ان معاملي تي اسيمبلي ۾ احتجاج ۽ هڪ نوٽيفڪيشن ذريعي آواز اٿارڻ کانپوءِ جنوري جي آخري هفتي ۾ سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار شاهه جي سربراهي ۾ اسيمبلي ميمبرن تي ٻڌل هڪ جاچ ڪميٽي قائم ڪئي وئي هئي، فائنڊنگ ڪميٽي 12 فيبروري تي پنهنجي رپورٽ سنڌ جي تعليم واري وزير کي موڪلي هئي پر هن وقت تائين ان تي ڪو به عمل ناهي ڪيو ويو، جڏهن ته 27 هزار 700 شاگردن پنهنجا اسڪروٽني فارم جمع ڪرايا آهن ۽ ڪميٽي جي رپورٽ تي ڪارروائي جو انتظار آهي.