خضدار ۾ گاڏي ڀرسان ڌماڪو، 4 ڄڻا مارجي ويا ۽ 2 زخمي

خِضدار(يار محمد بروهي) بلوچستان جي ضلعي خضدار ۾ گاڏي ڀرسان ڌماڪي جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا ۽ 2 زخمي ٿي پيا، جن کي نال ۽ خضدار جي ٽيچنگ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، پوليس موجب تعلقي نال ۾ ڌماڪو ريموٽ ڪنٽرول هو، ڌماڪي ۾ قبائلي شخصيتن کي نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي ڌماڪي جي سخت مذمت ڪندي قيمتي انساني جانين جي نقصان تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته دهشت گردي جو هر صورت ۾ خاتمو ڪيو ويندو، امن دشمن عناصر پنهنجن ناپاڪ مقصدن ۾ ناڪام ٿيندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.