لاهور هاءِ ڪورٽ پاران مريم نواز جي پبلسٽي خلاف درخواست تي جواب طلب

لاهور (م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز ۽ ن ليگ صدر نواز شريف جي سرڪاري خزاني مان پبلشي خلاف درخواست تي چيف سيڪريٽري پنجاب ۽ ڊائريڪٽر جنرل پبلڪ رليشنز کان 2 هفتن ۾ جواب طلب ڪري ورتو آهي، لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس فاروق حيدر شهري  اشبا ڪامران جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز سرڪاري خزاني کي پنهنجي ۽ والد جي ذاتي مشهوري لاءِ استعمال ڪئي، سپريم ڪورٽ جي حڪم موجب سرڪاري منصوبن تي سياستدانن جون تصويرون ۽ نالا نه ٿا لڳائي سگهجن، درخواستگذار طرفان استدعا ڪئي وئي ته مريم نواز ۽ نواز شريف جي پبلسٽي جي رقم بابت معلومات فراهم ڪئي وڃي، عوامي فنڊنگ منصوبن مان مريم نواز ۽ نواز شريف جا نالا ۽ تصويرون ڪڍيون وڃن ۽ نواز شريف پاران پنجاب جا فنڊز ذاتي مشهوري لاءِ استعمال ڪرڻ کي غير قانوني قرار ڏنو وڃي، عدالت درخواست تي چيف سيڪريٽري پنجاب ۽ ڊائريڪٽر جنرل پبلڪ رليشنز کان 2 هفتن ۾ جواب طلب ڪري ورتو، درخواست ۾ پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز ۽ ن ليگ صدر نواز شريف سميت ٻين کي ڌر بڻايو ويو آهي.

ڪراچي جي واپارين کان هڪ ڀيرو ٻيهر ڀتو طلب، ڪيس داخل

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ ڀتا مافيا عروج تي پهچي وئي، واپارين کي قتل جون ڌمڪيون ڏئي ڀتا خوري وصول ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا، نيو ڪراچي جي دڪاندارن کان 1 کان 10 لکن جون ڀتا خوري وصول ڪري ورتي، دڪاندارن کان ڀتا خوري جو ڪيس داخل، متاثر شهري جي فرياد تي ڀتا خوري سميت ٻين ڪيسن ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو. ايف آءِ آر ۾ چيو ويو آهي ته نيو ڪراچي اليون ڊي ۾ ڪنفيڪشنري جو ڪاروبار، ٻيو دڪان ۽  ڪيبنون آهن، گذريل رات ٻه هٿياربند جوابدار موٽرسائيڪل تي آيا ۽ هڪ کان هڪ لک رپيا ڀتو جو مطالبو ڪيو. ڪيس جي متن ۾ چيو ويو آهي ته جڏهن دڪاندارن ڀتا خورن کي ٻڌايو ته هو ننڍا دڪاندار آهن ۽ وٽن پئسا نه آهن ته هنن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن سبب 3 ورهين جو ٻارڙو تيمور زخمي ٿي پيو.

طورخم سرحد لڳاتار ٻارهين ڏينهن بند، افغانستان مان فائرنگ

پشاور(م ڊ) پاڪ افغان طورخم بارڊر جي بندش جي 12هين ڏينهن به افغانستان طرفان وقفي وقفي سان فائرنگ جو سلسلو جاري آهي. هڪ طرف بارڊر بند ٿيڻ سبب مسافرن ۽ ٽرانسپورٽرن کي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.  ٻئي طرف افغان فورسز تڪراري سرحدن ۾ تعميراتي ڪم ڪرڻ لاءِ ضد ۾ آهن. طورخم بارڊر ڀرسان واري علائقي مان مقامي ماڻهن جي لڏپلاڻ شروع ٿي  وئي آهي. پاڪستان جون سيڪيورٽي فورسز پڻ هاءِ الرٽ آهن، طورخم بارڊر گذريل 12 ڏينهن کان هر قسم جي ٽريفڪ لاءِ بند آهي، جنهن سبب مسافرن ۽ ٽرانسپورٽرن کي سخت پريشانين جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي .

سنڌ جي 26 سينيئر سول ججن جون مقرريون ۽ بدليون

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس جنيد غفار جي منظوري سان لاڳاپيل جڊيشل مئجسٽريٽن جون مقرريون ۽ بدليون ڪيون ويون آهن، سينيئر سول جج دادو نويد سھتو کي ملير جو سينيئر سول جج 2 مقرر ڪيو ويو، سينيئر سول جج لاڙڪاڻو عتيق الرحمان کي ڪراچي ايسٽ جو جج مقرر ڪيو ويو، ڪراچي سينٽرل جي سينيئر سول جج فھيم الدين کي ٽنڊو الھيار جو سينيئر سول جج مقرر ڪيو ، ٽنڊو الھيار جي سينيئر سول جج پرديپ ڪمار کي ڪراچي سينٽرل جو سينيئر سول جج مقرر ڪيو ويو، ميرپورخاص جي ڪوٽ غلام محمد جو سينيئر سول جج نياز حسين جوکيو کي بدلي ڪري ڪراچي ويسٽ ۾ مقرر ڪيو ويو، قمبر شھدادڪوٽ جي سينيئر سول جج اشفاق حسين کي بدلي ڪري ڪراچي ويسٽ جي خالي ٿيل جاءِ تي مقررر ڪيو ويو، مٽياري جي سعيد آباد واري علائقي ۾ مقرر محمد اسد رئيس کي ڪراچي ايسٽ جي خالي ٿيل جاءِ تي مقرر ڪيو ويو، اھڙي طرح سڄي سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ مقرر 28 سينيئر سول ججن کي مختلف ضلعن ڏانھن مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آھي.

پاڪستان کي 136 ملين ڊالر ڏنا پر هڪ به اسڪول نه ٺهيو: آمريڪا

واشنگٽن( م ڊ) آمريڪي ريپبلڪن ڪانگريس ميمبر اسڪاٽ پيري جو چوڻ آهي ته آمريڪا پاڪستان کي اسڪول ٺاهڻ لاءِ 136 ملين ڊالر ڏنا پر اڃا تائين اهي اسڪول ٺهي نه سگهيا آهن، آمريڪي ايوان نمائندگان جي پرڏيهي معاملن واري ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي هن  چيو ته يو ايس ايڊ گذريل 20 سالن ۾ پاڪستان ۾ تعليمي پروگرامن تي 840 ملين ڊالر خرچ ڪيا جن مان 136 ملين ڊالر 120 اسڪولن جي تعمير لاءِ مختص ڪيا ويا پر اهي اسڪول ڪڏهن به تعمير نه ڪيا ويا، ان حوالي سان هو ڪو به ثبوت ايوان ۾ پيش نه ڪيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.