رياستي ادارن جي آڊٽ ۾ دير تي آءِ ايم ايف کي ڳڻتي

اسلام آباد(م ڊ) آڊيٽر جنرل آف پاڪستان (اي جي پي) اجمل گوندل پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي (پي اي سي) جي اجلاس کي ٻڌايو ته رياستي ادارن جي آڊٽ جي عمل ۾ دير تي آءِ ايم ايف کي ڳڻتي آهي، هن انڪشاف ڪيو ته آءِ ايم ايف 6 لک التوا واري آڊٽ ڪيسن تي خدشن جو اظهار ڪيو آهي، هن وڌيڪ چيو ته وزارتن ۽ ادارن سان لاڳاپيل 5 کان 6 لک آڊٽ ڪيس التوا ۾ آهن، آءِ ايم ايف مطالبو ڪيو آهي ته آڊٽ ڪيس جلد حل ڪيا وڃن، هن وڌيڪ چيو ته پارليامينٽ جي حڪمن باوجود ڪو به چيف انٽرنل اڪائونٽنٽ مقرر ناهي ڪيو ويو، قانونن تي عمل نه ٿيڻ سبب فنانشل آڊٽ سسٽم خراب آهي، هن چيو ته ادارن جا سيڪريٽري ۽ چيف فنانشل آفيسر آڊٽ ڪليئر نه ڪري رهيا آهن، 15 ادارن ۾ رڳو چيف فنانشل آفيسر آهن، انهن ادارن جو چيف انٽرنل اڪائونٽنٽ ناهي، ادارن ۾ اندروني آڊٽ جو نظام ناهي، پي اي سي وزارتن ۽ ادارن کان هڪ مهيني اندر تفصيل طلب ڪري ورتا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.