حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، مرڪزي نائب صدر حورالنساء پليجو، مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ خالد تنيو ۽ ممتاز کوسو پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته وفاقي حڪومت سمورو سال ملڪ وڪڻڻ جي سازش ۾ مصروف رهي، بلاول_شهباز اتحادي سرڪار ملڪ کي آءِ ايم ايف جو غلام بڻائي ڇڏيو آهي. اڳواڻن چيو ته اتحادي سرڪار سمورا عوامي ادارا وڪڻڻ کانپوءِ سنڌ جون زمينون ۽ درياهه به غيرملڪي سرمائيڪارن کي وڪرو ڪري رهي آهي، ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪري، سنڌو جو پاڻي وڪرو ڪرڻ جي قانونسازي ڪئي وئي آهي، مٿان وري ڇهه نوان ڪئنال ڪڍي سنڌ جو سمورو پاڻي ڪارپوريٽ فارمنگ ڪمپنين کي ڏيڻ جي رٿابندي ڪئي وئي آهي. بلاول_شهباز اتحادي سرڪار سنڌ جي زمينن ۽ وسيلن کي چوري جو مال سمجهي وڪڻي رهي آهي. معدني وسيلن جي وڪري لاءِ هڪڙي پاسي وفاقي حڪومت خصوصي ڪميٽي جوڙي آهي ته ٻي طرف وري سنڌ حڪومت معدني وسيلن کي صنعت جو درجو ڏئي ڪارونجهر جي ڪٽائي ڪرڻ جي سازش ڪئي آهي. سنڌ جي زمينن ۽ وسيلن تي قبضا ڪرڻ لاءِ پيپلز پارٽي سنڌ ۾ لاقانونيت کي هٿي ڏني آهي. اڳواڻن مطالبو ڪيو ته ڇهه نون ڪئنالن جو منصوبو فوري طور ختم ڪري، سنڌ کي سنڌ پنجاب پاڻي ٺاهه 1945ع موجب پاڻي ڏنو وڃي،