ڊفينس ۾ چيني شهرين کي گهر ڪرائي تي ڏيڻ مالڪ کي مهانگو پئجي ويو

ڪراچي(رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ايندڙ ٻڌڻي تي ايس ايس پي سيڪيورٽي ون کي طلب ڪري ورتو، درخواستگذار جي وڪيل چيو ته پوليس اهلڪار سيڪيورٽي جي نالي تي چيني شهرين کي حراسان ڪري رهيا آهن،  پوليس عملدارن جو چوڻ آهي ته چيني شهرين جي سڪيورٽي لاءِ گهرن ۾ اهلڪارن کي جڳهه ڏني وڃي، گهر جي مالڪ کي چيو وڃي ٿو ته هو اهلڪارن جا روزانو خرچ به برداشت ڪن، وڪيل چيو ته درخواست ڏيندڙ جو گهر حساس هنڌ جي لسٽ ۾ شامل ناهي ، درخواستگذار جي وڪيل استدعا ڪئي ته درخواستگذار جي گهر اندر پوليس اهلڪار مقرر ڪرڻ جو مطالبو غير آئيني قرار ڏنو وڃي، درخواستگذار جي وڪيل وڌيڪ چيو ته ڪرائي دارن جي سيڪيورٽي لاءِ گهر جي مالڪ جي بينادي حق ختم نٿا ڪري سگهجن، عدالت درخواستگذار جي وڪيل سان مڪالمو ڪندي چيو ته جيڪڏهن اوهان کي سيڪيورٽي نٿي گهرجي ته اوهان پنهنجي ذميداري تي سيڪيورٽي جي فراهمي ختم ڪري ڇڏيو، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ۾ 8 اپريل تائين واڌ ڪري ڇڏي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.