ڪراچي ( رپورٽر) ڪراچي جي علائقي گارڊن مان گم ٿيل ٻارڙن عليان ۽ علي رضا جي ڪيس جي جاچ اي وي سي سي ڏانهن منتقل ڪئي وئي آهي، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جاويد عالم اوڍو ڪيس اي وي سي سي ڏانهن منتقل ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي، حڪم ۾ چيو ويو آهي ته ايس ايس پي اي وي سي سي ذاتي نگراني ۾ ڪيس جي جاچ ڪري، جاچ ذميوار آفيسر حوالي ڪئي وڃي، جيڪو مڪمل ميرٽ تي جاچ ڪري، گم ٿيل ٻارڙي جي ماءُ جاچ کي تبديل ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي.