دبئي(ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ( آءِ سي سي ) ون ڊي پليئرز جي نئين رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي.
ون ڊي بيٽرز جي رينڪنگ ۾ ڀارت جي شُڀمَن گِل جي نمبر هڪ پوزيشن برقرار آهي، جڏهن ته پاڪستان جو اڳوڻو ڪپتان بابر اعظم ٻئي نمبر تي موجود آهي.
ڏکڻ آفريڪا جي اينرڪ ڪلاسن هڪ درجو ترقي ماڻيندي ٽئين نمبر تي اچي ويو آهي.
ڀارتي اسٽار بيٽر ويرات ڪوهلي پنجين کان چوٿين نمبر تي اچي ويو جڏهن ته ڀارتي ڪپتان روهِت شرما ٻه درجا تنزلي کانپوءِ پنجين نمبر تي هليو ويو .
افغانستان ابراهيم زدران 13 درجا ترقيءَ کانپوءِ ڏهين نمبر تي اچي ويو ۽ اڄ ون ڊي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪندڙ آسٽريلوي ڪرڪيٽر اسٽيو سمٿ ٻه درجا بهتري سان 16 هين نمبر تي اچي ويو.
ٻئي پاسي ون ڊي بالرن ۾ سريلنڪا جي مهيش ٿيڪشنا جو نمبر ون پوزيشن برقرار آهي، جڏهن ته ڏکڻ آفريڪي اسپنر ڪيشو مهاراج ٻه درجا بهترين کانپوءِ ٻئي نمبر تي اچي ويو آهي.
نيوزيلينڊ جي ميٽ هنري ٽي درجا ترقي بعد ٽِين جڏهن ته پاڪستان جي شاهين آفريدي جي بالرن جي رينڪنگ ۾ نائين پوزيشن آهي.
ڀارت جي محمد شامي جي ٽي درجا ترقي کانپوءِ 11 هين پوزيشن آهي، ڏکڻ آفريڪي پيسر مارڪو ينيسن 9 درجا ترقي سان 18 ۽ انگلينڊ جي جوفرا آرچر 13 درجا بهتري بعد 21 نمبر تي موجود آهي.
You might also like