ٽن بالن تي چار وڪيٽون…! پاڪستاني بالر ڪمال ڪري ڇڏيو

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پريزيڊنٽ ٽرافي گريڊ ون جي فائنل ۾ پي ٽي وي خلاف اسٽيٽ بينڪ جي ٽيم 3 بالن تي 4 وڪيٽون وڃائي ويٺي.
راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ جاري ميچ جي پهرين ڏينهن 27 هين اوور جي ٽئين بال تي پي ٽي وي جي فاسٽ بالر محمد شهزاد عمر امين کي آئوٽ ڪيو، چوٿين بال تي فواد عالم جي وڪيٽ ورتي.
پنجين بال کان اڳ سعود شڪيل کي ٽائيم آئوٽ قرار ڏنو ويو، جڏهن ته پنجين بال تي محمد شهزاد عرفان نيازي کي بولڊ ڪري هيٽ ٽرڪ مڪمل ڪئي.
واضح رهي ته ڪرڪيٽ قانون موجب، جيڪڏهن ڪو به بيٽر آئوٽ ٿئي يا رٽائر ٿئي ۽ نئون بيٽر ٽن منٽن اندر وڪيٽ تي نه پهچي سگهي ته کيس آئوٽ قرار ڏئي سگهجي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.