حيدرآباد (رپورٽر) ايس ايس پي حيدرآباد ڊاڪٽر فرخ لنجار جي بدلي نه ٿيڻ خلاف وڪيلن جو 15 ڏينھن به احتجاج جاري رهيو، اڄ حيدرآباد ۾ سنڌو درياهه مان ڪينالن ڪڍڻ، 26 آئيني ترميم ۽ ايس ايس پي حيدرآباد خلاف آل سنڌ وڪلا ڪنوينشن ٿيندو. وڪيلن جي احتجاج سبب حيدرآباد ڊسٽرڪٽ ڪورٽس، سول ڪورٽس ۽ خصوصي عدالتن ۾ ڪيس نه هليا، وڪيلن جي ڪئمپ قائم ٿيل هئي، عدالتن ۾ پوليس اھلڪارن ۽ آفيسرن جي داخلا تي بندش لڳل آهي، ٻئي طرف وڪيلن جي ڪنوينشن جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. حيدرآباد بار ۾ ٿيندڙ ڪنوينشن ۾ سڄي سنڌ مان وڪيل شرڪت ڪندا. ڪنوينشن ۾ وڪيلن جي احتجاج بابت اهم فيصلا ٿيڻ جو امڪان آهي.