نيب پاران آربي او ڊي ٽو رٿا جو رڪارڊ آبپاشي کاتي حوالي

ڪراچي(رپورٽر)نيب 62 ارب روپين جي آر بي او ڊي ٽو منصوبي جي جاچ لاءِ تحويل ۾ ورتل رڪارڊ آبپاشي کاتي ۽ لاڳاپيل ڊپٽي ڪمشنرن حوالي ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ اسيمبليءَ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽيءَ وفاقي حڪومت کان آر بي او ڊي ٽو منصوبي سميت سنڌ ۾ ڪئنالن جي لائننگ جي مختلف اسڪيمن تي بند ڪيل فنڊ جاري ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. اڱاري ڏينهن پي اي سي جو اجلاس چيئرمين نثار کهڙو جي صدارت ۾ ڪميٽي روم ۾ ٿيو. نثار کهڙو 62 ارب روپين جي روائيز اسڪيم تحت 273 ڪلوميٽر آر بي او ڊي ٽو منصوبي تي 40 ارب روپيا خرچ ٿيڻ باوجود آر بي او ڊي تي ڪم بند هجڻ ۽ وفاق پاران فنڊنگ جاري نه ڪرڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته آر بي او ڊي ٽو منصوبي تي فوري فنڊنگ جاري ڪئي وڃي ته جيئن اهو منصوبو مڪمل ٿي سگهي. پي اي سي اجلاس ۾ سنڌ ۾ ڪئنالن ۽ ڊسٽريبيوٽريز جي لائننگ واري اسڪيمن تي وفاقي حڪومت پاران 2019ع کان فنڊ بند ڪرڻ جو انڪشاف سامهون آيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.