فيض حميد کانپوءِ ثاقب نثار جو وارو، معافيون وٺڻ شروع؟

نيو يارڪ (چوڌري پرويز سنديلا) اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار سينيئر صحافي مجيب الرحمان شامي کان پنهنجي ماضي جي روَيي تي معافي ورتي. ثاقب نثار چيو ته هو ذاتي طور تي سندس گهر وڃي معافي وٺڻ چاهي ٿو، ڇو ته ماضي ۾ سندس رويو شامي سان ٺيڪ نه رهيو هو. جواب ۾ مجيب الرحمان شامي چيو ته ثاقب نثار کي اچڻ جي ضرورت ناهي، هو پاڻ ملاقات لاءِ اچي سگهي ٿو. ثاقب نثار ماضي ۾ ڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ فيض حميد سان گڏجي هليو هو ۽ ڪمن ۾ ملوث هو ۽ هاڻي جڏهن مختلف شخصيتن خلاف ڪارروائي ٿي رهي آهي، ته هو به احتساب کان بچڻ لاءِ معافيون وٺي رهيو آهي. ثاقب نثار نواز شريف جي سئوٽ کان به معافي ورتي. جيڪڏهن نواز شريف کيس معاف ڪري، ته شايد هو ايندڙ مشڪلاتن کان بچي سگهي.

نوٽ : هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اربع 05 مارچ 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.