بنون(م ڊ) خيبرپختونخواهه جي ضلعي بنون ۾ سيڪيورٽي فورسز ڪينٽ ۾ دهشت گردي جي ڪوشش کي ناڪام بڻائيندي 6 خارجين کي ماري ڇڏيو آهي، سڪيورٽي ذريعن موجب ڪالهه افطار کانپوءِ دهشتگردن بنون ڪينٽ ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن دوران دهشتگردن بارود سان ڀريل 2 گاڏين کي بنون ڪينٽ جي ڀت سان ٽڪرائي ڇڏيو، سيڪيورٽي اهلڪارن مختلف انٽري پوائنٽس تي ڪارروائي ڪندي 6 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو، بارود سان ڀريل گاڏين ويجهو مسجد کي به نقصان پهچايو، سڪيورٽي اهلڪارن ٻين دهشتگردن کي به گھيري ورتو آهي، ڌماڪن سبب گهرن جون ڇتيون ڪرڻ جي نتيجي ۾ ڪجهه ماڻهن جي شهادتن ۽ زخمي ٿيڻ جا اطلاع آهن، پرڏيهي خابرو اداري ”اي ايف پي“ موجب ضلعي جي هڪ سينيئر پوليس آفيسر نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته آپگهاتي بمبارن بارود سان ڀريل ٻن گاڏين کي بنو ڪينٽومينٽ جي داخلي دروازي سان اڏائي ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ زوردار ڌماڪو ٿيو، جنهن بعد ڪيترن ئي دهشتگردن ڪمپائونڊ ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، هوڏانهن خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي آفيس مان جاري ڪيل بيان ۾ بنون ضلعي ۾ ٿيل ڌماڪي جي مذمت ڪئي وئي آهي، وڏي وزير واقعي تي ڏک جو اظهار ڪندي سينيئر پوليس عملدارن کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، جڏهن ته ضلعي انتظاميا کي هدايت ڪئي وئي آهي ته زخمين کي بروقت طبي امداد فراهم ڪئي وڃي، وڏي وزير چيو آهي ته رمضان المبارڪ جي مقدس مهيني ۾ اهڙا واقعا انتهائي قابل مذمت ۽ افسوسناڪ آهن، ڊي ايڇ ڪيو اسپتال جي ترجمان محمد نعمان موجب واقعي ۾ شهيدن جو انگ 15 ٿي ويو آهي، جن ۾ 4 ٻارڙا ۽ 2 عورتون شامل آهن، جڏهن ته زخمين جو انگ 25 آهي، اهي موت گهرن جي ڇتيون ۽ ڀتيون ڪرڻ سبب ٿيا آهن.