جڏهن ڪٿي ڪو معاشرتي ماحول بابت ڪو بحث ڇڙندو آهي ته پڇيو ويندو آهي ته ڇا سنڌ ۾ جرڳائي فيصلن وسيلي سنڌ جي عوام کي انصاف ملندو آهي؟ ان سوال جو جواب ڏيڻ ايترو آسان ڪونهي. پر جيڪو اسين روزانو ڏسون ٿا. پڙهون ٿا ۽ ٻڌون ٿا ته ڪورٽن سڳورين ۾ وڌيڪ انصاف ڀريا فيصلا خانگي فيصلن کان تمام گهڻو اتم ٿيندي ڏسون ٿا. پر خانگي فيصلن ڏانهن عوام جو لاڙو وڌيڪ ان ڪري آهي جو ڪورٽن سڳورين جي فيصلن ۾ دير ٿئي ٿي. ڪڏهن جوابدار ڌر جو وڪيل ناهي ته ڪڏهن فريادي ڌر جو وڪيل ناهي. ظاهر آهي ڪورٽ سڳوري ته ٻنهي وڪيلن جي دليلن جي مڪمل ٿيڻ کان پوءِ پنهنجو فيصلو سادر فرمائيندي آهي. ايتري ۾ ويڙهه ڪندڙ ڌريون هڪ ٻئي جي سامهون ٿي پونديون آهن ۽ پوءِ اڪثر ڪري جهيڙا وڌندي ڏٺا آهن. ان ڪري انهن سڀني پريشانين کان بچڻ لاءِ ماڻهو خانگي فيصلن ڏانهن لاڙو ڪن ٿا ۽ خانگي فيصلن ۾ ڌرين جو هڪ ڏينهن ۾ نبيرو ٿئي ٿو. سردارن ۽ وڏيرن جي بنگلن تي جڏهن ٻئي ڌريون اچن ٿيون ته پوءِ فيصلا ڪندڙ سرپئنچ جي ڊپ کان ڌريون چپ چاپ رهن ٿيون اتي ويڙهاند ڪرڻ جو خطرو تمام گهٽ ٿيندي ڏٺو آهي.
اڄ ڪلهه ماڻهن وٽ وقت جي ڏاڍي ڪمي آهي جنهن جي ڪري عدالتن جي چڪر ڪاٽڻ کان نجات ملي ٿي. ڊسٽرڪٽ بار ڪشمور جي اڳواڻ عبد الغني بجاراڻي وڪيل جو چوڻ آهي ته ايف آئي آر ۾ نالو شريف ماڻهو جو ايندو آهي ۽ پوءِ اهو ڪيسن کان تنگ ٿيندي مار ڌاڙ ڪري ڪچي جي علائقي ۾ روپوش ٿي ويندو آهي. انهن مٿان شفقت جو هٿ مقامي وڏيرو، سردار، ايم اين اي ۽ ايم پي اي رکن ٿا. جنهن جي ڪري پوءِ اهو قانون جي پڪڙ کان به پري رهي ٿو. بجاراڻي وڪيل جو وڌيڪ چوڻ آهي ته قبيلائي جهيڙي ۾ ڪڏهن به ڪنهن کي سزا نه ملي آهي نه ملندي. فيصلن وسيلي ڌرين جو ٺاهه ٿي ويندو آهي. جڏهن ته ڪورٽ سڳوري، انصاف ڪندي الزام ثابت ٿيڻ تي سزا ڏيندي آهي. اسان جي سردارن، وڏيرن وٽ پنچائت ٿيندي آهي. خون خون ۾ پاڙجي ويندو آهي باقي خونن جو معاوضو هوندو آهي. جيڪڏهن جرڳائي فيصلن کي روڪڻو آهي ته عدالتن کي تڪڙو انصاف ڏيئڻو پوندو. پر ائين ٿيندي ڏسڻ ۾ نٿو اچي.
سنڌ ۾ جرڳائي فيصلن وارو نظام جمهوريت، عدل و انصاف ۽ اظهار راءِ جي آزادي جو هڪ بهترين پليٽ فارم آهي. جرڳي جو فيصلو آخري ۽ ڌرين لاءِ قابل قبول هوندو آهي. مجال آهي جو ڪير فيصلي کي نه مڃي. ڇاڪاڻ ته ڌريون وڙهندي جڏهن ٿڪجي پونديون آهن پوءِ فيصلي لاءِ خط وٺنديون آهن. سنڌ ۾ اڪثر ڪري ائين به ٿيندو آهي ته ڌريون هڪ سردار وٽ جيڪڏهن فيصلو ڪرائين ٿيون ۽ ڪا ڌر ٻئي سردار وٽ فيصلو کڻي وڃي ٿي ته پوءِ سردار ڪنهن ٻئي سردار جي ڪيل فيصلي کي اهميت ڏيندي رد نه ٿو ڪري بلڪه ان کي برقرار رکيو وڃي ٿو جنهن کي آداب ۽ اصول چيو وڃي ٿو. لاڙڪاڻي سان لاڳاپو رکندڙ سردار معظم علي عباسي ۽ سردار حزب الله خان ٻگهيو جو به موقف ساڳيو ئي آهي ته جرڳائي فيصلن ۾ ايندڙ ڌريون عزت لائق ۽ قابل احترام هجن ٿيون. انهن کي هڪ هنڌ گڏي ويهارڻ ان ڳالهه جو چٽو ثبوت هجي ٿو ته سڀ هڪ جيتري حيثيت رکندڙ آهن. ڪنهن کي به هڪ ٻئي مٿان مالي، خانداي يا قبيلي جي فوقيت حاصل ناهي هوندي ۽ ڪوبه سفارشي فيصلو قابل قبول نه هوندو آهي ڇو ته جڏهن فيصلا ڪيون ٿا ته الله پاڪ آڏو جوابده به پاڻ کي سمجهون ٿا ۽ ٻنهي ڌرين جا باري باري غور سان دليل ٻڌندا آهيون. ڇاڪاڻ ته اهيو جمهوريت جو حسن هجي ٿو. حزب الله خان ٻگهي جو چوڻ آهي ته اڪثر ڪري قرآن پاڪ رکي فيصلا ڪيا ويندا آهن جيڪي حق سچ تي ٻڌل هوندا آهن. فيصلن جي ڪابه واضح شڪل ناهي هوندي جرڳي جو دارومدار واقعن ۽ معاملن تي هوندو آهي. جرڳن جي اهم ڳالهه جيڪا انهن کي ممتاز بڻائي ٿي ڪوبه خاص سرپئنچ قانوني طور نامزد ناهي هوندو. ڪير به فيصلو ڪري سگهي ٿو.
اڪثر ڪري سنڌ ۾ جرڳن يا فيصلن ۾ قانون جي ماهر وڪيلن ۽ زمينن جي ماهر تپيدارن جون به خدمتون ورتيون وينديون آهن يا جيڪڏهن ڪنهن ملڪ جي ويزا بابت مسئلو هوندو آهي ته پوءِ ٽريول ايجنسي جو سهارو وٺي حق جو فيصلو ڪيو ويندو آهي. جنهن جي ڪري ڌريون موقعي تي ڀاڪر پائي صلح ڪنديون آهن. لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ جتي فيصلا ٿين ٿا انهن ۾ شڪارپور ۾ سردار مقبول احمد شيخ، سردار مير بابل خان ڀيو، چيف سردار جاڳڻ خان ڀيو، غوث بخش خان مهر، سردار ذوالفقار علي ڪماريو، مير عابد حسين جتوئي، آغا سراج خان دراني، اعجاز احمد لغاري ڪشمور ڪنڌ ڪوٽ سان واسطو رکندڙ سردار تيغو خان تيغاڻي، مير غالب ڊومڪي، مير سندر خان سندراڻي، سردار محبوب خان بجاراڻي، سردار سليم جان مزاري، مير عابد خان سندراڻي، جيڪب آباد جو سردار منظور علي خان پهنور ۽ پنهور برادر، مير اعجاز خان جکراڻي، مير صابر خان کوسو، مير حفاظت خان گولاٽو، منٺار خان عمراڻي، محمد اسلم ابڙو، سردار مقيم خان کوسو، لاڙڪاڻي جا سردار حزب الله خان ٻگهيو، سردار طارق انور خان سيال، عادل الطاف حسين انڙ، عدنان الطاف حسين انڙ، ڏاڏو الله بخش خان انڙ، سردار معظم علي خان عباسي، حاجي علي نواز خان لهر بلوچ، مير علي حسن خان ڏاهاڻي، مولانا راشد محمود سومرو، آغا خان جتوئي، زوهيب خان جتوئي، سردار علي ڏنو خان گاڏهي، سرائي بشير احمد گاڏهي، سردار منظور خان جوڻيجو، سردار صفدر علي خان مٺاڻي، قمبر شهدادڪوٽ سان تعلق رکندڙ غيبي نواب سردار خان چانڊيو، برهان خان چانڊيو، مير نادر خان مگسي، مير مٺل خان مغيري، لهڻو خان مڪولاڻي، رئيس لياقت خان کهاوڙ، شاهنواز خان ڪلهوڙو ۽ وارهه جا چانڊيا فيصلن طور مشهور آهن. هر آچر تي سردارن جي بيٺڪن تي جرڳائي فيصلن وسيلي ماڻهن کي فيصلن وسيلي ٺاهي کير کنڊ ڪن ٿا.