پاڪستان ۾ عيد ڪڏهن ٿيندي؟ اڳڪٿي سامهون اچي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ رمضان المبارڪ جو پهريون ڏهاڪو جاري آهي، جڏهن ته ماڻهو خاص طور تي ٻارڙا عيد جي بي صبريءَ سان انتظار ۾ آهن.
پوري دنيا سميت پاڪستان ۾ به مسلمانن لاءِ ڀلارو مهينو رمضان جاري آهي، هن مهيني ۾ جتي مسلمان الله جي رضا خاطر روزا رکن ٿا، اتي عيد جي خوشين لاءِ به تياريون ڪندا آهن.
قمري مهينو 29 يا 30 ڏينهن تي مشتمل هوندو آهي ۽ هر سال ٻارڙا خاص طور تي ان اوسيئڙي ۾ هوندا آهن ته عيد جو چنڊ 29 هين ڏينهن تي نظر ايندو يا 30 هين ڏينهن ؟ ماهرن رمضان بابت اهم اڳڪٿي ڪئي آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب، هن سال پاڪستان ۾ 29 روزا ۽ عيدالفطر 31 مارچ سومر تي ٿيڻ جو امڪان آهي.
رويت هلال ريسرچ ڪائونسل جي سيڪريٽري جنرل خالد اعجاز مفتي موجب، نئون چنڊ 29 مارچ 2025 تي پاڪستاني وقت موجب 3 لڳي 58 منٽن تي پيدا ٿيندو.
فلڪياتي ماهرن موجب، 29هين روزي تي شوال جو چنڊ نظر اچڻ لاءِ 30 مارچ آچر جي شام، سج لهڻ وقت وقت چنڊ جي عمر گهٽ ۾ گهٽ 18 ڪلاڪ هجڻ گهرجي اِها پاڪستان جي سمورن علائقن ۾ 26 ڪلاڪن کان وڌيڪ ٿي چڪي هوندي.
اڳڪٿي موجب، آچر 30 مارچ جي شام پاڪستان جي ڪنهن به علائقي ۾ جيڪڏهن آسمان صاف رهيو ته چنڊ آساني سان ڏسي سگهبو.
جيڪڏهن 30 مارچ جي شام پاڪستان ۾ چنڊ نظر اچي ٿو ته ملڪ ۾ عيدالفطر سومر 31 مارچ تي ملهائي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.