هيئنلي اينڊ پارٽنرز دنيا جي امير ترين شهرن جي فهرست جاري ڪئي آهي، جنهن ۾ نيويارڪ هڪ ڀيرو ٻيهر پهريون نمبر ماڻي ورتو آهي.
نيويارڪ 3 لک 49 هزار 500 ڪروڙ پتين 675 سينٽي ملينيئرز (يعني اهي ماڻهو جن وٽ گهٽ ۾ گهٽ 100 ملين ڊالرز جا اثاثا آهن) ۽ 60 ارب پتين سان 2024 لاءِ دنيا جي امير ترين شهرن جي فهرست ۾ پهرين نمبر تي اچي ويو آهي.
نيويارڪ نه رڳو امير ترين ماڻهن جو شهر آهي، پر هتي دنيا جي وڏي ۾ وڏي اسٽاڪ مارڪيٽ پڻ موجود آهي. وال اسٽريٽ نيويارڪ اسٽاڪ ايڪسچينج ۽ نيزڊيڪ جو مرڪز آهي، جيڪا عالمي سطح تي وڏي اسٽاڪ مارڪيٽ آهي، 2023 دوران نيويارڪ جي معيشت اٽڪل هڪ ٽريلين ڊالر تائين پهچي وئي آهي.
هي شهر مختلف ثقافتن جو مرڪز بڻجي چڪو آهي، نيويارڪ جي آبادي لڳ ڀڳ 8.2 ملين آهي، جتي رهندڙ ماڻهو 800 کان وڌيڪ ٻوليون ڳالهائين ٿا.
ان کانسواءِ آمريڪا ۾ هتي ڀاڙا سڀ کان وڌيڪ آهن، نيويارڪ جي ريل اسٽيٽ مارڪيٽ دنيا جي مهانگي ترين مارڪيٽن منجهان هڪ آهي، جڏهن ته ففٿ ايونيو دنيا جي ٻي نمبر تي مهانگي شاپنگ اسٽريٽ هئڻ جو اعزاز رکي ٿي.
نيويارڪ ۾ 1 لک 81 هزار کان وڌيڪ ماڻهو سيڪيورٽيز انڊسٽري ۾ ڪم ڪن ٿا، جنهن مان اربين ڊالرن جي ٽيڪس آمدني ٿئي ٿي.
جي پي مورگن چيس، سٽي گروپ، مورگن اسٽينلي ۽ گولڊمين سيڪس جهڙيون ماليتي ڪمپنون مين هيٽن ۾ قائم آهن.
نيويارڪ رڳو دولت ۾ نه پر اهو ميڊيا، ٽيڪنالاجي، فيشن، صحت ۽ ريل اسٽيٽ ۾ به دنيا جي اڳواڻي ڪري ٿو.
نيويارڪ ۾ ٽيڪنالاجي جو مرڪز پڻ موجود آهي، جنهن کي ”سليڪون ويلي “چيو ويندو آهي، جتي گوگل، ايمازون، ۽ فيس بُڪ جهڙيون وڏيون ڪمپنيون صنعت ۾ پنهنجا پنهنجون پاڙون مضبوط ڪرڻ لاءِ شهر ۾ تيزي سان پکڙي رهيون آهن.
نيويارڪ جو فيشن انڊسٽري لڳ ڀڳ 1 لک 80 هزار ماڻهن کي روزگار فراهم ڪري ٿي.
نيويارڪ مهانگو شهر هئڻ باوجود دنيا جي امير ترين ماڻهن لاءِ پسنديده ترين شهرن مان هڪ آهي.
You might also like