يروشلم (ويب ڊيسڪ) اسرائيلي پرڏيهي وزير گيڊئين سار غزه جنگبندي جي ٻئي مرحلي تي عملدرآمد لاءِ شرط رکي ڇڏيو.
يروشلم ۾ پريس ڪانفرنس دوران اسرائيلي پرڏيهي وزير چيو ته اسرائيل غزه کي هٿيارن کان پاڪ ڪرڻ ۽ مغوين جي واپسي جي شرط تي جنگبندي جي ٻئي مرحلي جي شروعات ڪري سگهي ٿو.
هن جو چوڻ هو ته اسان جو مطالبو آهي ته غزه کي مڪمل طور هٿيارن کان پاڪ ڪيو وڃي ۽ حماس سميت اسلامي جهاد غزه مان نڪري وڃن.
اسرائيلي پرڏيهي وزير وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن حماس مغوين کي آزاد ڪري ته سڀاڻي ئي جنگبندي جو ٻيو مرحلو شروع ٿي سگهي ٿو.
ٻئي پاسي حماس جي اڳواڻ سامي ابوظهري اسرائيلي پرڏيهي وزير جي بيان تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته مزاحمتي جٿن جا هٿيار حماس ۽ ٻين فلسطيني ويڙهاڪ تنظيمن لاءِ ريڊ لائين آهن ۽ ان تي ڪا به سوديبازي نه ٿيندي.
ياد رهي ته غزه جنگبندي معاهدي جي ٻئي مرحلي تحت حماس کي غزه ۾ باقي رهجي ويل سمورن مغوين کي آزاد ڪرڻو پوندو، جڏهن ته اسرائيلي فوج غزه مان مڪمل طور نڪري ويندي.
You might also like