صحافي تشڪيل سنديلي کي ٽڪر هڻندڙ ڪار سوار خلاف ڪيس داخل

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي ٽيپو سلطان ٿاڻي تي جمعي جي رات ٿيل روڊ حادثي ۾ اجل جو شڪار ٿيل صحافي تشڪيل سنديلي ۽ ثاقب امتياز جو ڪيس داخل ٿي ويو. صحافين مشتاق سرڪي، ايس اين ايس جي قاضي شفيق احمد، پي آءِ ڊي جي ڊپٽي ڊاريڪٽر مقبول سنديلي، حزب الله تنئي، تصوير سنديلي، صفدر وڳڻ، ساگر سنديلي، نصرالله جمالي، الله بخش سومري، طارق سنديلي ماجد سنديلي، راجا سنديلي ۽ ٻين وفد جي صورت ۾ ٽيپو سلطان ٿاڻي پهچي ڪيس داخل ڪرايو. صحافي تشڪيل سنديلو ۽ ساٿي سوار ثاقب امتياز جو ڪيس صحافيءَ جي ڀاءُ فرمان سنديلي جي فرياد تي داخل ڪيو ويو. صحافين پوليس کان حادثي بابت تفصيل ورتا ۽ جوابدار جي نشاندهي بابت اڳڀرائي تي ڳالهيون ٿيون. پوليس ٻڌايو ته حادثي جا فوٽيج هٿ ڪري ورتا آهن جن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته تيز رفتار ڪار ڊرائيور موٽرسائيڪل سوارن کي زودرار ٽڪر هڻي فرار ٿي وڃي ٿو. رات جو وقت هجڻ ۽ گاڏين جون لائيٽون ٻرڻ جي ڪري گاڏي جو ماڊل توڙي نمبر ڄاڻڻ ڏکيو بڻجي رهيو آهي. اميد ته جلد جوابدار تائين پهچي وينداسين. صحافين پوليس کي ٻن ڏينهن جي مهلت ڏيندي چيو ته توهان جي جاچ مان مطمئن آهيون. ڪيس جي فريادي فرمان سنديلو جو چوڻ هو ته امير ماءُ پيءُ جي بگڙيل اولاد جوان ڀاءُ کسي ورتو آهي. هن اختيارين کان گهر ڪندي چيو ته چاهيون ٿا ته جوابدار کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي. سينيئر صحافي مشتاق سرڪي چيو ته صحافي تشڪيل سنديلو جو قدرتي موت ناهي ٿيو، هن کي روڊ حادثي ۾ قتل ڪيو ويو آهي، خاموش ٿي نه ويهنداسين. سڌ سماءَ واري کاتي توڙي سنڌ حڪومت کي فوري طور تي نوٽيس وٺي تشڪيل سنديلي جي واهر لاءِ به اڳتي اچڻ گهرجي. هن صحافتي تنظيمن جي خاموشي تي افسوس جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي حزب الله تنئي، صفدر وڳڻ ۽ ٻين چيو ته تشڪيل ايمانداري سان صحافتي خدمتون سرانجام ڏيڻ سان گڏ آن لائين موٽرسائيڪل سروس ۾ ڪم ڪري ٻچن جي پالنا ۽ گهر جو خرچ هلائيندو هو. ٻئي پاسي اڄ روزاني عوامي فورم اخبار جي آفيس ۾ صحافي تشڪيل سنديلو جي ياد ۾ تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويندو. جتي پوليس کي ڏنل مهلت دوران ڪا جوڳي اڳڀرائي نه ٿيڻ جي صورت ۾ اڳتي جي حڪمت عملي طئي ڪئي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.