شاهه زين مري ۽ تشدد جو شڪار شهري ۾ ٺاهه

ڪراچي (رپورٽر)بوٽ بيسن فوڊ اسٽريٽ تي شهري تي تشدد واري معاملي تي ڌرين ۾ ٺاهه ٿي ويو آهي، ڊي آءِ جي سائوٿ علي رضا موجب ٻنهي  ڌرين ۾ صلح ٿي وئي آهي ۽ مدعي برڪت سومرو راضي نامو ڪري ڇڏيو آهي، ڊي آءِ جي ڏکڻ موجب راضي نامي سان قانوني ڪارروائي تي اثر نه پوندو، جيڪڏهن جوابدار شاهه زين مري ڪراچي ۾ مليو ته کيس ضرور گرفتار ڪيو ويندو، ڊي آءِ جي ڏکڻ علي رضا موجب ڪيس جو چالان به لاڳاپيل عدالت ۾ جمع ڪرايو ويندو،  هوڏانهن سنڌ پوليس صوبائي حڪومت کان بلوچستان حڪومت سان رابطو ڪرڻ لاءِ چيو آهي ته شاهه زين مري جي گرفتاري لاءِ بلوچستان حڪومت سان رابطو ڪيو وڃي، جنهن جي محافظن گذريل هفتي ڪراچي ۾ شهري تي تشدد ڪرڻ تي حراست ۾ ورتو ويو هو، اها پيش رفت ڪراچي جي سائوٿ زون پوليس پاران شاهه زين مري جي باڊي گارڊن جي گرفتاري کانپوءِ سامهون آئي آهي، جن کي وائرل ٿيل وڊيو ۾ بوٽ بيسن واري علائقي ۾ ڪار ۾ سوار ٻن ماڻهن تي تشدد ڪندي ڏٺو ويو هو. هوڏانهن جڊيشل مجسٽريٽ ڏکڻ جي عدالت ۾ بوٽ بيسن واري علائقي ۾ شاهه زين مري پنهنجي گارڊن  سان گڏجي شهري تي تشدد ڪرڻ واري ڪيس ۾ رمانڊ پوري ٿيڻ کان  پوليس پاران پنجن جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪيو عدالت ۾ جاچ آفيسر پاران رمانڊ جي استدعا ڪئي وئي، عدالت جاچ آفيسر جي رمانڊ جي استدعا رد ڪندي جوابدارن کي جڊيشل رمانڊ تي جيل اماڻي ڇڏيو آهي . جوابدارن ۾ جلات خان ، حسين نواز ، علي جان ، سجاد ۽ ٻيا شامل آهن .عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي جاچ آفيسر کان اڳڀرائي واري رپورٽ طلب ڪري ورتي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.