وزيراعظم گئس جي گهٽ پريشر جي شڪايتن جو نوٽيس ورتو

اسلام آباد( بيورو+م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف گئس جي گهٽ پريشر جي شڪايتن جو نوٽيس ورتو آهي، جنهن کانپوءِ پيٽروليم ڊويزن وزيراعظم جي هدايت تي افطار جي ڪلاڪن دوران شڪايتن جو آن گرائونڊ جائزو وٺڻ جو فيصلو ڪيو، سيڪريٽري پيٽروليم مومن آغا راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ گئس جي گهٽ پريشر جون شڪايتون ڪندڙ علائقن جو دورو ڪيو، پيٽروليم ڊويزن جي پڌرائي موجب سيڪريٽري پيٽروليم صارفين کان گئس جي پريشر بابت پڇاڻو ڪيو، بيان موجب دوري جو مقصد گهٽ پريشر وارن علائقن ۾ گئس جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ هو، پريشر جي مسئلن لاءِ ڪيترائي گهر چيڪ ڪيا ويا، بيان موجب ڪجهه گهرن ۾ مسئلن جي نشاندهي بعد سيڪريٽري پيٽروليم اختيارين کي هدايت ڪئي ته مسئلا فوري طور حل ڪيا وڃن.

نيو سعيد آباد لڳ پيٽرول پمپ تي ستل پورهيت هٿوڙا هڻي قتل

نيوسعيدآباد(رپورٽ: مشتاق راھو) نيوسعيدآباد ڀرسان پيٽرول پمپ تي ستل  پورهيت  کي نامعلوم ماڻهن هٿوڙا هڻي بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو.  مھراڻ ھاء وي تي شاھ پنجو چونڪ تي قائم جمالي پيٽرول پمپ تي پورهيت مولوي عبدالرحمٰن ڪاڪا ستل هو ته اڻ ڄاتل ماڻهن مٿس هٿوڙن سان حملو ڪري  موقعي تي ئي قتل ڪري ڇڏيو ۽ آسانيءَ سان فرار ٿي ويا. پوليس موجب پيٽرول پمپ تي چوڪيداري ڪري پنهنجن ٻچن جو پيٽ گذر ڪندڙ مولوي عبدالرحمٰن ڪاڪا کي اڻ ڄاتل ماڻهن هٿوڙن جا ڌڪ هڻي قتل ڪيو آهي. لاش کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جتي ضروري ڪارروائي بعد مڙھ وارثن حوالي ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.