موجوده نظام رڳو سختيون ڪرڻ لڳو، سڌي ريت مارشل لا لاڳو؟

اسلام آباد (منيب فاروق) حامد مير چيو ته پاڪستان ۾ اڻ سڌي ريت نه پر سڌي ريت مارشل لا لڳل آهي، هاڻي پيڪا ايڪٽ تحت ڪير به  سوشل ايپ استعمال ڪري ٿو ته ان کي سرڪار سان رجسٽريشن ڪرائڻي پوندي، اهو عوام کي دٻائڻ لاءِ اڻڄاتل ماڻهن جو حربو آهي. هن جو اشارو سڌي ريت پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ ڏانهن آهي. جڏهن به پاڪستان ۾ هائبرڊ رجيم هوندي يا اها رجيم هوندي جنهن کي اسٽيبلشمينٽ جي سپورٽ هوندي اوهان چئي سگهو ٿا ته ان ۾ فوج جو اثر رسوخ اهميت رکي ٿو. اهي ئي حالتون 2018 ۾ هيون ۽ 2024 ۾ آهن. پيڪا ايڪٽ آندو ويو پر ان ۾ گهڻيون شيون اجايون آهن جن جي ضرورت ئي نه هئي. ڪنهن جي چوڻ سان رياست جو ڪم نه رڪندو، ڪنهن تي پابندي هڻڻ، ڪنهن جي سوالن ۽ ڳالهين سان ڇا رياست تي ڪو فرق پوي ٿو؟ ڪنهن کي جلسي يا جلوس جي اجازت گهرڻ تي نه ڏيڻ سان ڇا ٿيندو؟ اجازت ڏيڻ گهرجي. حامد مير جي ڪجهه ڳالهين سان اوهان کي اعتراض ٿي سگهي ٿو پر جڏهن ههڙي صورتحال هوندي ته پوءِ ماڻهو ڳالهائيندا. هن نظام ۾ جيڪي شيون غلط آهن اهي نه ٿيڻ گهرجن ها. 9 مئي نه ٿيڻ گهرجي ها، سازشون نه ٿيڻ گهرجن ها پر عمران خان ڀوڳي رهيو آهي ۽ نظام ۾ ايتري سختي آهي جنهن ۾ نرمي ٿيڻ گهرجي، هر وقت سختي به ضروري ناهي هوندي، کوڙ شيون نرمي سان به ٿي سگهن ٿيون.  راڻا ثناءُالله چوي ٿو ته ميڊيا رياست جو چوٿون ٿنڀ آهي پر کيس اهو ڄاڻڻ گهرجي ته هنن پيڪا قانون جي شڪل ۾ ئي ميڊيا جو ٻيڙو پنهنجي هٿن سان ٻوڙيو آهي ۽ هٿ ٺوڪي جمهوري حڪومت پنهنجي ڳچيءَ ۾ اهو ڪريڊٽ وجهي ڇڏيو آهي، اهو سوال ن ليگ حڪومت کان هميشه ٿيندو رهندو.

نوٽ : هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اڱارو04 مارچ 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.