حيدرآباد: سنڌ سجاڳي فورم پاران اڄ حيدرآباد ۾ "4 مارچ شاگرد جدوجهد” ليڪچر پروگرام ٿيندو. جنهن ۾ 4 مارچ شاگرد جدوجهد جو هيرو ناميارو قانوندان يوسف لغاري شاگرد جدوجهد جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪندو. هي ويهڪ شام 4 وڳي بينظير پارڪ سنڌ ميوزيم ۾ ٿيندي.
-
جساف پاران پاڻي تي ڌاڙي خلاف مختلف شهرن ۾ ليڪچر پروگرام رٿيل
حيدرآباد: جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن پاران اڄ چار مارچ شاگرد جدوجھد جي ڏھاڙي تي "سنڌو درياھه تي ڌاڙو, سنڌ جي زمينن تي والار ۽ شاگرد سياست جي ڪردار” جي عنوان ھيٺ سڄي سنڌ ۾ ليڪچر پروگرام منعقد ڪرايا ويندا. جنهن ۾ قومپرست پارٽين جا اڳواڻ ۽ دانشور ليڪچر ڏيندا.