حيدرآباد: چار مارچ شاگرد جدوجهد جي ڏينھن تي سنڌ يونيورسٽي جي قوم پرست شاگرد تنظيمن طرفان سنڌو درياهه مان ڪينال ڪڍڻ خلاف انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هڻڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. چار مارچ شاگرد جدوجهد جي ڏينھن تي سنڌو درياهه جي پاڻي تي ڌاڙي خلاف انڊس هاءِ وي تي ڌرڻي هڻڻ جو اعلان سنڌ يونيورسٽي جي قومپرست تنظيمن جساف آريسر، جساف بشير ، جساف شهيد بشير خان، جساف، سياف ۽ سنڌ شاگرد سڀا طرفان ڪيو ويو آهي. شاگردن پاران سنڌودرياهه جي پاڻيءَ تي ڌاڙي خلاف سي ايل کان سنڌالاجي گيٽ تائين ريلي ڪڍي انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو ويندو.