اڄ سنڌي شاگرد جدوجهد کي نئون رخ ڏيندڙ 4 مارچ ڏهاڙو، تقريبون رٿيل

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ جي شاگردن جي عظيم جدوجهد جو ڏهاڙو 4 مارچ اڄ ملهايو ويندو. سڄي سنڌ ۾ شاگرد جدوجهد جي  تناظر ۾ موجوده حالتن بابت تقريبون ۽ ليڪچر پروگرام ٿيندا. سنڌ جا شاگرد 4 مارچ شاگرد جدوجهد جي هيروز کي ڀيٽا پڻ پيش ڪندا. چار مارچ 1967ع اهو ڏينهن آھي جنهن ڏينهن تي سنڌ يونيورسٽي جا شاگرد يونيورسٽي جي بنيادي مسئلن جي حل ۽ وي سي کي هٽائڻ خلاف جدوجهد کي تيز ڪندي حيدرآباد شھر طرف زبردست احتجاج جي سلسلي ۾ نڪتا هئا. پر هنن جي بسن جو قافلو جئين ئي حيدرآباد ڄامشورو روڊ تي راجپوتانا اسپتال وٽ پهتو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن هنن جي قافلي تي فائرنگ ڪئي تشدد ڪيو ۽ 3 سئو کان وڌيڪ شاگردن گرفتار ڪيو ويو. ان وقت ملڪ مٿان ون يونٽ مڙهيل هو. ملڪ ۾ شامل قومن جي تاريخي وطنن, ٻولي ۽ ثقافت کان انڪار ڪندي ظلم ۽ جبر ذريعي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وئي. ان ڪري شاگردن جي هي جدوجهد سنڌ يونيورسٽي جي مسئلن جي حل کان اڳتي نڪري ون يونٽ مخالف جدوجهد ۾ تبديل ٿي وئي. هن جدوجهد ۾ جن شاگرد اڳواڻن مک ڪردار ادا پئي ڪيو انهن شاگردن ۾ يوسف لغاري, يوسف ٽالپر, ڪامريڊ ڄام ساقي ۽ مسعود نوراني شامل هو. ڪامريڊ ڄام ساقي 7 سال اڳ لاڏاڻو ڪري ويو. جڏهن ته يوسف ٽالپر گذريل مهيني لاڏاڻو ڪري ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.