ڪراچي (م ڊ) ڪراچي ۾ ايڪسائز ۽ ٽيڪسيشن کاتي جي روڊ چيڪنگ مهم دوران سي ويو تي ايڪسائز کاتي سرڪاري نمبر پليٽن واريون گاڏيون روڪي ورتيون. گاڏين ۾ سوار ڪسٽم آفيسرن مدد لاءِ ڪسٽم اهلڪارن کي گهرائي ورتو. ڪسٽم ۽ ايڪسائز اهلڪارن هڪ ٻئي کي ڌڪا ڏنا، جڏهن ته هڪ سينيئر ڪسٽم آفيسر پنهنجي گاڏي ڊوڙائي موقعي تان فرار ٿي ويو. ايڪسائز اينڊ ٽيڪسيشن کاتي موجب ٽمپرڊ گاڏين تي سرڪاري نمبر پليٽ لڳائڻ غيرقانوني آهي، ۽ اهڙين گاڏين خلاف ڪارروائي لازمي آهي. ايڪسائز آفيسر دانش محمود جو چوڻ آهي ته ٽمپرڊ گاڏين کي ضبط ڪيو ويندو ۽ بدتميزي ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. ٻئي طرف ڊپٽي ڪلڪٽر ڪسٽم رضا علي نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته ڪسٽم کاتو ٽمپرڊ گاڏيون قانوني طور استعمال ڪري ٿو، ۽ انهن جي استعمال لاءِ سرڪاري ليٽر جاري ڪيا وڃن ٿا. هن جو موقف هو ته ايڪسائز طرفان گاڏيون روڪڻ غلط عمل آهي. ٻئي پاسي ايڪسائز کاتي واري وزير مڪيش چاولا موجب ڪسٽمز جي استعمال هيٺ وڌيڪ 4 گاڏيون سي ويو وٽان ضبط ڪيون ويون، ٽن ڏينهن ۾ ڪسٽمز جي استعمال هيٺ 9 گاڏين کي ضبط ڪيو ويو. هن چيو ته گاڏيون غيرقانوني نمبر پليٽ لڳل هجڻ سبب ضبط ڪيون ويون.