لکنئو(ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ ريپر ۽ گلوڪار يو يو هني سنگهه شراب ڇڏڻ جو انڪشاف ڪيو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، لکنئو ۾ هڪ ڪنسرٽ دوران هني سنگهه پنهنجي صحت بابت ڳالهائيندي ماضيءَ ۾ پيش آيل واقعن جو ذڪر ڪيو، جن سندس پروفيشنل ۽ ذاتي زندگي کي متاثر ڪيو.
ان دوران پنهنجي موجوده طرز زندگي بابت ڳالهائيندي مٿس تنقيد ڪندڙن کي ست سريون ٻڌائي ڇڏيو.
گلوڪار اعتراف ڪيو” عياشي به دل کولي ڪئي، حد کان وڌيڪ شراب پيتو، پر دوستو، مان هاڻي شراب پيئڻ ڇڏي ڏنو آهي، توهان به نشي مان ڇوٽڪارو حاصل ڪيو، مان هاڻي رڳو پاڻي پيئندو آهيان.“
You might also like