ڪراچي ۾ چارجڊ پارڪنگ بابت سنڌ حڪومت جو اهم اعلان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چارجڊ ۽ غيرقانوني پارڪنگ بابت اهم اعلان ڪيو آهي.
پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته ڪراچي ۾ چارجڊ پارڪنگ ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ ان خلاف ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.
هن وضاحت ڪئي ته چارجڊ پارڪنگ ۽ غيرقانوني پارڪنگ ٻه مختلف شيون آهن، جڏهن ته چارجڊ پارڪنگ هلائيندڙن کي گرفتار ڪيو پيو وڃي.
شرجيل ميمڻ موجب، چارجڊ پارڪنگ بابت فيصلو ڪرڻ وقت ميئر ڪراچي به موجود هو، اڳ ۾ ٿيل معاهدن باوجود حڪومت جي فيصلي تي عمل لازمي هوندو.
هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۾ هر هنڌ غلط پارڪنگ جو مسئلو هو، جيڪو ختم ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.