اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) هاءِ ڪورٽ ۽ آئيني بينچز جي ججن جي چونڊ لاءِ طريقيڪار طئي ڪرڻ بابت جسٽس جمال خان مندوخيل جي سربراهي ۾ 6 رڪني ڪميٽي جوڙي وئي آهي.
رپورٽن موجب، ڪميٽي ۾ اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ به شامل آهي، جڏهن ته حڪومت طرفان فاروق ايڇ نائيڪ ۽ مخالف ڌر طرفان سينيٽر علي ظفر کي ڪميٽي جو حصو بڻايو ويو آهي.
پاڪستان بار ڪائونسل جي نمائندگي لاءِ احسن ڀون کي ڪميٽي ۾ شامل ڪيو ويو، جڏهن ته نياز محمد خان کي ڪميٽي جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي.
ڪميٽي ججن جي چونڊ بابت سفارشون تيار ڪندي.
You might also like