سنڌ سرڪار ڏانهن واڌو بل موڪلڻ بابت سيپڪو خلاف جاچ جو دائرو وسيع

سکر(رپورٽر) سيپڪو پاران سنڌ حڪومت ڏانهن اضافي بل موڪلڻ وارو معاملو، ايف آءِ اي سکر جاچ جو دائرو وڌائي ڇڏيو، سيپڪو عملي خلاف داخل ايف آءِ آر جي جاچ ۾ 9 ايگزيڪيوٽو انجنيئرن کي به شامل ڪيو ويوآهي ، ايف آءِ اي ليٽر جاري ڪري 9 ايگزيڪيوٽو انجنيئرن کي اڄ 3 مارچ تي طلب ڪري ورتو،جاچ ۾ شامل ايگزيڪيوٽو انجنيئرن ۾ عبدالغني شيخ، راجا عزيز رِڏ، مير احمد شيخ، عبدالفهيم باجڪاڻي شامل آهن، جڏهن تہ ارشاد سيال، فهيم بلوچ، مجاهد شيخ، شاهد شاھ ۽ تاج محمد ماڪو کي به جاچ ۾ شامل ڪيو ويو، ايف آءِ اي سکر پاران گذريل 10 فيبروري تي سب ڊويزن بندر روڊ جي عملي خلاف 51 ڪروڙ 98 لک رپين جا بوگس بل موڪلڻ واري ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي هئي، توانائي کاتي سنڌ جي درخواست تي ايف آءِ اي جاچ جو دائرو 2019 کان شروع ڪري ڏنو آهي، ايف آءِ آر ۾ ايس ڊي او رياض منگي، ايس ڊي او اسرار باجڪاڻي، انچارج ايس ڊي او فرحان ماڪو، توانائي کاتي جا آفيسر وقار ڏهر، ميونسپل آفيسر اعجاز سندراڻي، عرفان سومرو ۽ فواد  نامزد آهن.  ايف آءِ اي کي ڏنل درخواست ۾ توانائي کاتي سنڌ 2019ع کان 2024ع تائين اربين رپين جي بوگس بلن جو انڪشاف ڪيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.