اي ٽي سي جوابدارن جي حوالگي بابت ڪمانڊنگ آفيسر جي درخواست رد ڪري سگهي ٿي: جسٽس جمال

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ۾ فوجي عدالتن ۾ سويلين جي ٽرائل خلاف انٽراڪورٽ اپيلن جي ٻڌڻي دوران جسٽس جمال مندوخيل رمارڪس ڏنا ته دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي فيصلي کانپوءِ جوابدار آرمي ايڪٽ جي تابع ٿي ويا.
سپريم ڪورٽ جي ست رڪني آئيني بينچ جسٽس امين الدين جي سربراهيءَ ۾ ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران سول سوسائٽي جي وڪيل فيصل صديقي دليل ڏنا.
فيصل صديقي دليل ڏيندي چيو ته سوال اهو ناهي ته 105 جوابدارن جي ملٽري ٽرائل لاءِ چونڊ ڪيئن ٿي، پر اصل مسئلو اهو آهي ته ڇا قانون ملٽري ٽرائل جي اجازت ڏئي ٿو؟
جسٽس امين الدين چيو ته جوابدارن جي حوالگي رڪارڊ جو معاملو آهي، جڏهن ته وڪيل فيصل صديقي چيو ته سيڪشن 94 جي لامحدود اختيارن کي به چئلينج ڪيو ويو آهي.
جسٽس محمد علي مظهر سوال ڪيو ته جيڪڏهن ڪيس ملٽري ڪورٽ مان دهشتگردي ٽوڙ عدالت منتقل ٿئي ته ٽرائل ڪٿي ٿيندو؟ جڏهن ته جسٽس حسن اظهر رضوي پڇيو ته ڇا پوليس جي جاچ گهٽ هئي ۽ ملٽري جي تيز؟
وڪيل فيصل صديقي چيو ته ڪورٽ مارشل جو فيصلو جوابدارن جي حوالگي کان اڳ ٿيڻ گهرجي ها، جيڪڏهن اهڙو فيصلو ناهي ٿيو ته حوالگي ڪيئن ٿي سگهي ٿي؟
جسٽس مندوخيل رمارڪس ڏنا ته آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تحت شڪايتن جي طريقيڪار بابت قانون واضح آهي، ۽ ان حوالي سان وفاقي حڪومت کي ئي درخواست ڏيڻ جو اختيار آهي.
سپريم ڪورٽ انٽراڪورٽ اپيلن جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.