آءِ پي ايل: دفاعي چيمپيئن ڪولڪتا نائيٽ رائيڊرز نئين ڪپتان جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪولڪتا (ويب ڊيسڪ) انڊين پريميئر ليگ ( آءِ پي ايل ) جي فرنچائيز ۽ دفاعي چيمپيئن ڪولڪتا نائيٽ رائيڊرز ( ڪي ڪي آر ) اجنڪيا رهاني کي ڪپتان مقرر ڪري ڇڏيو.
ڪولڪتا نائيٽ رائيڊرز آءِ پي ايل 2025 لاءِ اجنڪيا رهاني کي ڪپتان ۽ ونڪٽيش اَئير کي نائب ڪپتان مقرر ڪيو آهي.
پنهنجي مقرر جي ان حوالي سان اجنڪيا رهاني چيو ته ” ڪي ڪي آر جي قيادت ڪرڻ مون لاءِ هڪ اعزاز آهي، نائيٽ رائيڊرز آءِ پي ايل جي سڀ کان ڪامياب فرنچائز منجهان هڪ آهي، اسان وٽ هڪ بهترين ۽ مقابلي واري اسڪواڊ آهي، پنهنجي ٽائيٽل جو دفاع ڪرڻ لاءِ تيار آهيون.“
واضح رهي ته گذريل سال نومبر ۾ ٿيل آءِ پي ايل نيلامي دوران ڪي ڪي آر رهاني کي شروعاتي منصوبن جو حصو نه بڻايو هو.
نيلامي جي پهرين ڏينهن جڏهن سندس نالو سامهون آيو ته ڪنهن به ٽيم کيس نه خريدڻ ۾ دلچسپي نه ڏيکاري، پر ٻئي ڏينهن نيلامي جي تيز مرحلي دوران ڪي ڪي آر سندس خدمتون ڏيڍ ڪروڙ ڀارتي رپين ۾ حاصل ڪري ورتيون.
ڪي ڪي آر جي سي اِي او وينڪي ميسور جو چوڻ آهي ته ٽيم مئنيجمينٽ اجنڪيا رهاني جهڙي تجربيڪار ۽ سنجيده رانديگر کي قيادت ڏيندي ڏسي خوش آهي.
رهاني 2022ع ۾ به ڪي ڪي آر لاءِ کيڏي چڪو آهي، جنهن کانپوءِ هن چنائي سپر ڪنگز ۾ شاندار ڪارڪردگي ڏيکاري هئي.
ان کانسواءِ بڻايل ونڪٽيش اَئير کي ايندڙ ايڊيشن لاءِ نائب ڪپتان بڻايو ويو آهي هو به ڪي ڪي آر لاءِ اهم رانديگر رهيو آهي.
ڪي ڪي آر 22 مارچ تي ايڊن گارڊنز ۾ رائل چئلينجرز بنگلورو خلاف پنهنجي پهرين ميچ کيڏندي.
ياد رهي ته ڪولڪتا گذريل سال شريا آئير جي قيادت ۾ فائنل ۾ سن رائزرز حيدرآباد کي هارائي ٽيون ڀيرو ٽائيٽل کيٽو هو.
شرياس اَئير هاڻي پنجاب ڪنگز جو حصو بڻجي چڪو آهي، هن وقت آءِ پي ايل فرنچائز جي ڏهن ٽيمن مان نوَ ٽيمون ڪپتانن جو اعلان ڪري چڪيون آهن، جڏهن ته دهلي ڪيپٽلز واحد ٽيم آهي جنهن اڃا تائين پنهنجي ڪپتان جو اعلان ناهي ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.