ڪراچي ۾ سحري ۽ افطار وقت گئس فراهمي معطل

ڪراچي (م ڊ) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ سحري توڻي افطار دوران گئس جي فراهمي بند ٿيڻ سبب شهري ڏکيائين کي منهن ڏيڻ تي مجبور ٿيا. ڪراچي جي ملير، قائد آباد، لياقت آباد بي ايريا، لياقت آباد نمبر 4، فيڊرل ڪيپيٽل ايريا ۽ نارٿ ناظم آباد وارن علائقن ۾ گئس جي فراهمي بند رهي. ناظم آباد، پي آءِ بي ۽ گلشن اقبال جي مختلف بلاڪن ۾ پڻ گئس جي فراهمي معطل رهي. سوئي سدرن گئس جي ترجمان گئس بندش بابت دعويٰ کي رد ڪري ڇڏيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.