عوامي تحريڪ پاران ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف جدوجهد جاري رکڻ جو فيصلو

حيدرآباد(پ ر)عوامي تحريڪ جي مرڪزي ڪميٽي جو اجلاس، عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري جي صدارت هيٺ ڊي ٽين پليجو هائوس قاسم آباد حيدرآباد ۾ ٿيو. اجلاس ۾  چيو ويو ته سنڌ جو عوام سنڌو درياهه مان ڇهه نوان ڪئنال ڪڍڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ ڪمپنين کي سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون ڪنهن به صورت ۾ ڏيڻ نه ڏيندو.اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڇهه نون ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف جدوجهد جاري رهندي.مختلف هنڌن تي احتجاجي ريليون ۽ مظاهرا ڪيا ويندا،اڄ 3 مارچ تي جهمپير ۾ احتجاجي ريلي ڪئي ويندي. اجلاس ۾ عوامي تحريڪ جي سربراهه رسول بخش پليجي جي ستين ورسي جو جلسي عام 21 جون 2025ع تي جنگشاهي ۾ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. جلسي ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ ملڪي سطح جي سياسي،سماجي ڌرين، اديبن، دانشورن، شاعرن، مزدورن ۽ هاري اڳواڻن کي دعوتون ڏنيون وينديون. اجلاس ۾ چيو ويو ته پيڪا ايڪٽ، بورڊ انويسٽمينٽ اميڊمينٽ بل 2023ع، 26 هين آئيني ترميم جهڙا ڪارا قانون ٺاهي قومن جي وسيلن تي قبضا ڪرڻ ۽ عوام جو آواز دٻائڻ مارشل لا کان به وڌيڪ خطرناڪ آهن. ڪارا قانون ٺاهي جمهوريت جي نالي ۾ بدترين مارشل لا مڙهي وئي آهي. وفاقي سرڪار طرفان ناليواري سماجي اڳواڻ سرور باري جي تنظيم پتن جي اسلام آباد ۽ ملتان جي آفيسن کي سيل ڪرڻ جي شديد مذمت ڪئي وئي. ايڊووڪيٽ وسند ٿري چيو ته آيس آءِ ايف سي جو وجود آڻي سنڌ جي 13 لک ايڪڙن کان وڌيڪ زمين غير ملڪي ڪمپنين کي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو. ملڪ جي صدارتي هائوس سنڌ مٿان حملا آور ٿي سنڌ کان پاڻي کسڻ ۽ سنڌين کي پنهنجي وطن ۾ ئي بي وطن ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. سنڌ سرڪار سنڌ کي هٿ وٺي لاقانونيت جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي. ڦرون، ڌاڙا ۽ ماڻهن کي اغوا ڪرڻ روز جو معمول بڻيل آهن. هن چيو ته سنڌ جي ڪچي کي نيٽو جي هٿيارن جي وڪري جي منڊي بڻايو ويو آهي. کربين روپين جي ڪاري ڌنڌي ۾ پوليس، سردار ۽ وڏيرا شامل آهن. اجلاس ۾ نور احمد ڪاتيار،ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر،عمره سمون،لال جروار، ستار رند، ايڊووڪيٽ راحيل ڀٽو،عبدالقادر رانٽو، علي محمد پرويز،عبدالرحمٰن سمون، ماهه نور ملاح، ڊاڪٽر ماروي سنڌو،ايڊووڪيٽ اسماعيل خاصخيلي،سرواڻ سنڌي، نور نبي پليجو،ايڊووڪيٽ نجيب الرحمٰن مهيسر، ڪاشف ملاح،مهراڻ سنڌي،ايڊووڪيٽ اظهار دائود پوٽو، ايڊووڪيٽ خالد تنيو، ايڊووڪيٽ اياز ڪلوئي، ممتاز کوسو،حسين سومرو، ايڊووڪيٽ مير پرويز دائود پوٽو،ڄام تماچي مجيد ساگر پرهياڙ ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.