ڪراچي(رپورٽر) ڪراچي جي علائقي ملير ۾ رينجرز ۽ سي ٽي ڊي گڏيل ڪارروائي ڪندي پابندي مڙهيل تنظيم بلوچ ريپبلڪن آرمي (بي آر اي) جي هڪ دهشتگرد کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان هٿيار پڻ هٿ ڪيا ويا. گرفتار جوابدار بلوچستان جي رهواسي زبير احمد عرف زبيو وٽان هٿيار پڻ هٿ ڪيا ويا. جوابدار 2016ع ۾ بي آر اي ڪمانڊر زرين عرف ڪرنٽ جي گروپ ۾ شامل ٿيو هو. جوابدار انڪشاف ڪيو ته هن 2016ع ۾ ساٿين سان گڏ ٽمپ گراڊ اسٽيشن ۽ ايف سي چيڪ پوسٽ تي حملو ڪيو هو. ايف سي ڪيمپ ۽ رود بن ايف سي چيڪ پوسٽ تي راڪيٽ لانچرن ۽ ڳري هٿيارن سان حملي جو به اعتراف ڪيو ويو. جوابدار 2016ع کان 2019ع تائين بلوچستان ۾ سرگرم رهيو، جڏهن ته جوابدار 2020ع ۾ گرفتاري کان بچڻ لاءِ پرڏيهه فرار ٿي ويو.